ماورا خان 5 ڪروڙن ۾ وڪالت جي ڊگري خريد ڪرڻ بابت ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور ۽ سهڻي اداڪارا ماورا حسين وڪالت جي ڊگري 5 ڪروڙن ۾ خريد ڪرڻ تي خاموشي ٽوڙيندي سچائي بيان ڪري ڇڏي. پاڪستان جي مشهور اداڪارا ماورا حسين جڏهن يونيورسٽي آف لنڊن مان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي خبر ماڻهن سان شيئر ڪئي ته سوشل ميڊيا تي طوفان اچي ويو ۽ ماڻهو ماورا کي ساراهڻ بدران هن تي اعتراض وارڻ لڳا ته ماورا هر وقت پرڏيهي ملڪن جي دورن تي هوندي آهي، شوٽنگ ڪري رهي هوندي آهي يا وري ايوارڊ فنڪشنن ۾ شرڪت ڪندي آهي تنهنڪري سندس کي پڙهائيءَ جو وقت ڪڏهن مليو جڏهن ته ڪجهه ماڻهن ته ماورا تي وڪالت جي ڊگري 5 ڪروڙن ۾ خريد ڪرڻ جو الزام به لڳائي ڇڏيو. هاڻوڪي هڪ انٽرويو دوران ماورا وڪالت جي ڊگري خريد ڪرڻ جي الزام تي ڳالهائيندي چيو ته ماڻهن جو چوڻ آهي ته آئون گھڻي امير آهيان ان ڪري آئون يونيورسٽي آف لنڊن مان وڪالت جي ڊگري 5 ڪروڙن ۾ خريد ڪئي آهي. پر ٽيڪنيڪي طور تي اهو ممڪن ناهي ائين ڪٿي به ناهي ٿيندو پر آئون ماڻهن جا اهڙا تبصرا ڏسي حيرا ٿيس. مونکي ماڻهن جي ان سوچ تي کل ايندي آهي ۽ منهنجو مڃڻ آهي ته اهڙين ڳالهين کي نظر انداز ڪري اڳتي وڌڻ گھرجي. ماورا چيو ته پڙهائي ڪرڻ جو وقت گھٽ ملندو هو هوءُ اڪثر ڪنهن ڊرامي يا فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف هوندي هئي ۽ ميڪ اپ ڪرڻ دوران يا شوٽنگ ۾ وقفي دوران پنهنجي پڙهائي ڪندي هئي ۽ صبح جو سوير اٿندي هئي ته جيئن شوٽنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجي پڙهائي ڪري سگھي. ماورا حسين مستقبل جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو  ته هوءَ نه رڳو اداڪاري جاري رکندي پر گڏوگڏ وڪالت جي ڪيريئر کي به اڳتي وڌائيندي ۽ هڪ ڏينهن جج جي به ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *