ماهره خان ۽ مهوش حيات ۾ اداڪاري واريون صلاحيتون ئي موجود ناهن: ناديه خان

 

ڪراچي(شوبز نيوز)اداڪاره ۽ ميزبان ناديه خان اداڪاره ماهره خان ۽ مهوش حيات جي اداڪاري تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته منهنجي ويجهو نه ته ماهره خان کي اداڪاري ايندي آهي ۽ نه ئي مهوش حيات ۾ اداڪارائن واريون صلاحيتون موجود آهن. گذريل هڪ هفتي کان پاڪستان جي سينئر اداڪار فردوس جمال جو ماهره خان بابت ڏنل بيان ته نه ته هو سٺي اداڪاره آهي ۽ نه ئي سٺي هيروئن سوشل ميڊيا تي تهلڪو مچائي ڇڏيو آهي. جنهن کان پوءِ وري هاڻ اداڪاره ۽ ميزبان ناديه خان جو بيان به سوشل ميڊيا تي اچي ويو آهي جنهن ۾ هن ماهره خان ۽ مهوش حيات ٻنهي کي اداڪاري جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي. اداڪاره ناديه خان تازو ئي هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي جتي ميزبان احسن خان ناديه خان کان سوال ڪيو ته هو اداڪاره ماهره خان، صبا قمر ۽ مهوش حيات ان ٽنهي جي اداڪاري جي حوالي سان ڪهڙن نمبرن تي رکندي. جنهن جي جواب ۾ ناديه چيو ته هو پهرين نمبر تي صبا قمر کي رکندي ٻئين نمبر تي اقرا عزيز کي جڏهن ته ان جي ويجهو اداڪاره ماهره خان ۽ مهوش حيات کي ان لسٽ ۾ شامل ئي نٿي ڪرڻ چاهي ڇو ته هنن ٻنهي کي اداڪاري ئي نٿي اچي. ميزبان احسن خان ناديه خان جو جواب ٻڌي حيران ٿي ويو ڇو ته مهوش حيات جي اداڪاري تي اڄ تائين ڪنهن به سوال ناهي اٿاريو هي پهريون دفعو آهي جو ناديه خان ان کي به اداڪاري جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *