ماهره خان“ رئيس” جي شوٽنگ دوران شاهه رخ خان کان گهڻو ڪجهه سکي ورتو

ممبئي(شوبز نيوز) ناليواري اداڪارا ماهره خان چيو آهي ته هن فلم رئيس جي شوٽنگ دوران بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي. هڪ ڀارتي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ ماهره خان چيو ته کيس خبر ناهي ته بالي ووڊ ۾ کيس ڪهڙي ريت پرکيو ويندو پر خود هن لاءِ هي هڪ بلڪل مختلف تجربو آهي. سندس چوڻ هو ته رئيس ۾ هن شاهه رخ خان آڏو پنهنجو ڪردار بهترين انداز سان نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر هوءَ ڪنگ خان جهڙي نه ٿي ٿي سگهي. ماهره خان چيو ته فلم جي شوٽنگ دوران هن شاهه رخ خان کان گهڻو ڪجهه سکيو ،جيڪو هو به محسوس نه ڪري سگهيو، هن چيو ته مون ان جو اندازو ان مان لڳايو، جڏهن مان ڏيهه واپس اچي فلم هومن جهان ۾ ڪم ڪيو، جنهن ۾ منهجي ڪارڪردگي فلم جي ڊائريڪٽر کي به حيران ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته هن پنهنجي فلمي سفر جي شروعات فلم بول ذريعي ڪئي هئي جنهن کانپوءِ هن ٽي وي تي ڪم ڪيو، ماهره خان چيو ته حقيقت ۾ مونکي ٽي وي ۽ فلم ۾ گهڻو فرق نظر نه ٿو اچي، ٻنهي جون گهڻيون شيون هڪ جهڙيون ئي آهن، فرق رڳو اهو آهي ته ٽي وي ۾ اداڪار هفتي ۾ هڪ ڀيرو ايندو آهي ۽ فلم ۾ اداڪار وٽ پاڻ مڃائڻ لاءِ رڳو 2 ڪلاڪ هوندا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *