ماهرا خان کي فلمي دنيا ۾ مون متعارف ڪرايو: عاطف اسلم

ڪراچي(شوبز نيوز) موسيقي جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائيندڙ پاڪستاني راڳي عاطف اسلم چيو آهي ته ماهرا خان کي فلمن ۾ مون متعارف ڪرايو، منهنجي چوڻ تي ئي ناليواري هدايتڪار شعيب منصور ان کي فلم بول ۾ ڪاسٽ ڪيو، هن جو چوڻ هو ته شعيب منصور ماهره کي فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ کان اڳ مون سان مشورو ڪيو هو ته تون ڪهڙي اداڪارا سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهين ٿو، هن مون کي ٻن ٽن اداڪارائن جا نالا ٻڌايا، جنهن تي مون ماهرا جو نالو کنيو، حالانڪه هوءَ تمام گهڻي جونيئر هئي، ان زماني ۾ منهنجو نالو ماهرا سان جوڙيو ويو، هڪ سوال جي جواب ۾ عاطف اسلم ٻڌايو ته ڀارتي فلمن ۾ اسان جو اداڪارائون تمام بهترين ڪم ڪري رهيون آهن، صبا قمر فلم هندي ميڊيم ۾ غير معمولي اداڪاري ڪئي آهي، عاطف جو چوڻ هو ته عرفان خان کي تمام کڻو پسند ڪندو آهيان، صبا ان جهڙي سينيئر اداڪار اڳيان ڄمي ڪري ڪم ناهي ڪيو.(۰۲)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *