ماهرا خان پيرس فيشن ويڪ 2019ع جو حصو بڻجندي

پيرس (شوبز نيوز) عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان هلندڙ سال پيرس فيشن ويڪ جو حصو بڻجي وئي.گذريل سال ماهرا /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 21

خان فلمي دنيا جي سڀ کان وڏي ميلي ڪانز فلم فيسٽيول ۾ پاڪستان جي نمائيندگي ڪري اهو پيغام ڏنو هو ته پاڪستاني فنڪار به ڪنهن کان گھٽ ناهن. ماهرا خان جي ڪانز فيسٽيول ۾ سهڻي لباس سميت اسٽائل کي پاڪستان ۽ ڀارت سميت عالمي ميڊيا طرفان به گھڻو ساراهيو ويو هو.هلندڙ سال ماهرا خان جي ڪانز فيسٽيول ۾ شرڪت نه ڪرڻ سان سندس جا چاهيندڙ مايوس ٿيا، پر ماهرا خان جي چاهيندڙن لاءِ خوشخبري آهي جو  ماهرا خان ڪانز ۾ ته شرڪت نه ڪري سگھي پر هلندڙ سال ٿيندڙ پيرس فيشن ويڪ جو حصو بڻبي، جڏهن ته ٿوري وقت واري پاڪستاني فلم “راني” جي به ڪانز فيسٽيول ۾ اسڪريننگ ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *