ماهرا خان جي ترڪي ۾ پنهنجي گهاٽي دوست سان مڱڻي جا افواهه گردش ڪرڻ لڳا

استنبول ( شوبز نيوز ) پاڪستان جي خوبرو ۽ مشهور ادڪارا ماهرا خان جي ترڪي ۾ پنهنجي گهاٽي دوست سان مڱڻي جا افواهه گردش /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 39

ڪري رهيا آهن.ماهرا خان اڄڪلهه ترڪي ۾ هڪ دوست جي شادي ۾ شرڪت لاءِ موجود آهي جتي هوءَ پنهنجن دوستن سان گڏ تمام گهڻو انجواءِ ڪري رهي آهي،  گڏوگڏ هوءَ سوشل ميڊيا تي ترڪي ۾ گذرندڙ يادگار لمحن جون تصويرون به شيئر ڪري رهي آهي.پر ان دوران ڀارتي ميڊيا پاران جاري ٿيندڙ هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ماهرا خان ترڪي ۾ دوست جي شادي ۾ شرڪت لاءِ نه پر پنهنجي مڱڻي لاءِ ويل آهي ۽ اتي هن پنهنجي دوست سليم ڪريم سان مڱڻي پڻ ڪري ورتي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب ماهران خان جون تصويرون وائرل ٿي رهيون آهن جنهن ۾ هوءَ سليم سان گڏ نهايت خوشگوار انداز ۾ بيٺل نظر اچي رهي آهي. رپورٽ موجب اها تصوير هڪ پارٽي جي آهي جتي ٻنهي گڏ ڊانس پڻ ڪئي هئي.  ماهرا خان جي مڱڻي واريون خبرون سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيون آهن.ٻئي پاسي ماهران خان جي ويجهن ذريعن مڱڻي وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، رپورٽن موجب ماهران خان جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته مڱڻي وارين خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي ماهرا  دوست جي شادي ۾ شرڪت لاءِ ترڪي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *