مان گرفتار ٿي وڌيڪ خطرناڪ ٿيندس، نيب اڳيان پيش نه ٿيندس، همت آهي ته گرفتار ڪريو: بلاول زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته مان 27 ڊسمبر تي بينظير ڀٽو شهيد جي ورسي راولپنڊي ۾ ملهائيندس، تنهنڪري 24 ڊسمبر تي نيب اڳيان پيش نٿو ٿي سگهان، سياسي نظريين تي ڪڏهن به سوديبازي نه ٿيندي، گرفتاري جو ڪو به ڊپ ناهي، جيڪڏهن گرفتار ڪيو ويو ته وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندس، هن اڳڪٿي ڪئي ته ايندڙ سال اليڪشن جو آهي، ڪٺ پتلي سياستدان ايندڙ اليڪشن ۾ گهر ڀيڙو ٿي ويندا، اهڙن خيالن جو اظهار سومر تي بلاول هائوس ۾ ميڊيا سيل جي نئين عمارت ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، شيري رحمان، سعيد غني، مرتضيٰ وهاب، سهيل انور سيال ۽ وقار مهدي به موجود هو، هن نيب پاران اڱاري تي گهرائڻ جي نوٽيس تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت اپوزيشن کي حراسان ڪري رهي آهي، سياست هر پاڪستاني جو حق پر ان کان محروم ڪيو ويو آهي، مخالف ڌر جي ميڊيا تي ڪردارڪشي ڪئي پئي وڃي، تعميري تنقيد به برداشت نٿي ڪئي وڃي، پ پ جي خلاف ٻيهر انتقامي ڪارروايون شروع ٿي رهيون آهن، هن چيو ته سڄي ملڪ کي خبر آهي ته اسان 27 ڊسمبر تي راولپنڊي ۾ بينظير جي ورسي ملهائينداسين پر هڪ پٽ کي پنهنجي امڙ جي ورسي ملهائڻ کان روڪي رهيا آهن، هن چيو ته اسان کي اڄ تائين راولپنڊي ۾ جلسي جي اجازت نه ڏني وئي آهي، اسان جي سياست ۾ رنڊڪ وڌي پئي وڃي، بلاول ڀٽو چيو ته حڪمرانن کي شرم اچڻ گهرجي، غير قانوني نوٽيس ڏنو ويو آهي، اڳوڻي چيف جسٽس چيو هو ته بلاول ڀٽو معصوم آهي، هن چيو ته نيب جي سمورن سوالن جو جواب ڏئي چڪو آهيان ۽ نيب جي سوال نامي جو 6 مهينا اڳ نوٽيس ڏنو هو پر 24 ڊسمبر تي ڪهڙي بنياد تي طلب ڪيو ويو، بلاول ڀٽو چيو ته اسان پنهنجي وڪيل ذريعي نيب کي تفصيلي جواب ڏنو آهي، هن چيو ته ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه ايندس، اسان چيوهو ته 24 ڊسمبر تي پيش نه ٿيندس، پ پ چيئرمين چيو ته اسان ۽ آمرن ۾ فرق آهي اسان هر فورم اڳيان پيش ڪندا رهيا آهيون، نيب تي اعتراضن هوندي پاڻ کي مستقبل ۾ به پيش ڪندس، هن خبردار ڪيو ته آمراڻي طرز عمل سان ملڪ جا مسئلا حل نه ٿيندا، هن الزام مڙهيو ته حڪومت جي خواهش آهي ته اپوزيشن کي حيسايو وڃي، جيڪو اپوزيشن اڳواڻ ڳالهائي ٿو ان کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو، گذريل هڪ سال ۾ رڳو اپوزيشن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو آهي، هن عدليا کي چيو ته اها اظهار جي آزادي ۽ سياست جو تحفظ ڪري، هن چيو ته نيب جي چيئرمين چيو هو ته بي آر ٽي جو ريفرنس تيار آهي، هن سوال ڪيو ته ڇا ڪي پي ڪي ۾ ڪنهن وزير کي نوٽيس مليو آهي؟، پ پ چيئرمين جهانگير ترين جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته نااهل ترين ڊپٽي وزيراعظم حڪومت جو ڪاروبار هلائي رهيو آهي، هڪ طرفو احتساب بند ڪرايو وڃي، هن چيو ته خادم رضوي ۽ مولانا فضل رحمان کي ڌرڻي جي اجازت ڏني وڃي ٿي پر اسان کي جمهوري حق کان محروم رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته مان 27 ڊسمبر تي بينظير ڀٽو شهيد جي ورسي پندي ۾ ملهائيندس تنهنڪري 24 ڊسمبر تي نيب اڳيان پيش نٿو ٿي سگهان، حڪومتي طاقت اسان جو رستو روڪي نٿي سگهي، هن چيو ته بينظير جو ايجنڊا مظلوم طبقي لاءِ هو، بلاول ڀٽو ان ڳالهه تي تعجب ڪيو ته حڪومتي وزيرن کي نيب ڪيسن جو پهريان کان ڪيئن پتو پوي ٿو، هن چيو ته مان پنهنجي خلاف نيب ڪيسن کي رد ڪريان ٿو، هن چيو ته مان جڏهن به سياسي جدوجهد کي اڳتي وڌايان ٿو ته نيب پاران نوٽيس اچي ٿو، جعلي نيب ۽ احتساب جي ادارن پاران نوٽيس ڏنو وڃي ٿو، ماضي ۾ هر وزيراعظم ڪشمير تي اتفاق راءِ پيدا ڪيو، اسان جو وزيراعظم ڪمشمير تي قومي اتفاق پيدا نه ڪري سگهيو، هن چيو ته حڪومت دنيا ۾ اسان جي ملڪ جي عزت وڄائي آهي، هن چيو ته شهباز شريف مخالف ڌر اڳواڻ آهي اميد آهي ته هو جلد وطن واپس ايندو، مخالف ڌر اڳواڻ جي اهم ذميواري آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم هڪ سال کانپوءِ گڏيل مفادن واري ڪونسل جو اجلاس سڏايو آهي، سنڌ سان ناانصافي ٿي رهي آهي، هن سوال ڪيو ته سنڌ جي گيس ڇو بند ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته جهڙي طرح حڪومت ملڪ کي هلائي رهي آهي ائين نه ملڪ هلي سگهي ٿو ۽ نه ئي معيشت هلندي، هن ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال جي گرفتاري جي مزمت ڪندي چيو ته مخالفن کي حراسان ڪيو پيو وڃي، بلاول ڀٽو ياد ڏيارو ته عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته فريال ٽالپر کي گرفتار نٿا ڪري سگهون، هڪ پوڙهي عورت کي پندي جيل ۾ قيد ڪيو، نواز شريف کي طبي بنيادن تي سزا جي باوجود ضمانت ملي، هن چيو ته پرويز مشرف ڪيس تي جيڪو چوڻو هو اهو چئي ڇڏيو، هن چيو ته هو نٿو سمجهي ته جيڪي ماڻهو پرويز مشرف جي حمايت ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن اهي غدار آهن، احتجاج سڀني جو حق آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *