مان ڪو روبوٽ ناهيان مون کي به آرام جي ضرورت آهي:ويرات ڪوهلي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان مسلسل ميچ کيڏائڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي ۽ چيائين ته مان ڪو روبوٽ ناهيان مون کي به آرام جي ضرورت آهي. 2016ع جي شروعات کان وٺي هينئر تائين ويرات ڪوهلي سڀ کان وڌيڪ بال کيڏندڙ بيٽسمين آهي ۽ گڏيل طور تي هو انٽرنيشل ڪرڪيٽ ۾ ان عرصي دوران 4 هزار 803 بالن کي منهن ڏئي چڪو آهي.تازو ئي ويرات ڪوهلي ڪرڪيٽ بورڊ کان موڪلن جي گُهر ڪئي هئي پر سندس موڪلن واري درخواست مختلف افواهن کي جنم ڏئي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا ته ايترو به چئي ڇڏيو هو ته ويرات ڪوهلي ڊسمبر ۾ موڪلون وٺي اداڪارا انوشڪا شرما سان شادي ڪندو.تنهن هوندي ويرات ڪوهلي پريس ڪانفرنس دوران موڪلن جو سبب ٻڌايو ۽ چيائين ته آئون مسلسل ڪرڪيٽ کيڏڻ ڪري ڪافي ٿڪجي پيو آهيان. هن چيو ته آئون ڪو روبوٽ ناهيان ۽ مون کي به آرام جي ضرورت آهي. منهنجي جسم کي ڪٽي ڏسي سگهجي ٿو ته جسم اندر رت اُٻرڻ شروع ٿي چڪو آهي. ڪوهلي پنهنجو نالو وٺڻ کان سواءِ چيو ته جيڪڏهن ڪو رانديگر مسلسل پرفارمنس ڪري رهيو هجي ته کيس آرام جي ضرورت پوندي آهي ۽ جسم کي ٻيهر پنهنجي اصل حالت ۾ اچڻ ۾وقت لڳندو آهي. ڀارتي ٽيم جي ڪپتان جو چوڻ هو ته ميچن جي انگ بدران ڪوالٽي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. گرائونڊ کان ٻاهر ويٺل ماڻهو تبصرو ڪندا آهن ته سمورا يارهن ئي رانديگر هڪ جيتري انگ ۾ ئي ميچ کيڏندا آهن پر هو اهو تجزيو نه ڪندا آهن ته هر رانديگر هڪ جيتري پرفارمنس نٿو ڪري. ويرات ڪوهلي چيو ته ٽيم ۾ يارهن رانديگر کيڏندا آهن پر هر رانديگر هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ 40 اوور نٿو کيڏي سگهي ۽ ڪو رانديگر ٽيسٽ ميچ ۾ 30 اوور نٿو ڪرائي سگهي، جيڪڏهن ائين هوندو آهي ته کيس آرام جي ضرورت هوندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *