مان ناڪامي کي ڪڏهن به پاڻ تي حاوي ٿيڻ ناهي ڏنو : شاھ رخ خان

 

ممبئي ( شوبز نيوز ) فلمن ۾ ناڪامي کي بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه ڏنو،  ۽ هو هاڻ  پنهنجي ڪيريئر کي بچائڻ ۽ بالي ووڊ تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ پرجوش آهي. تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ شاهه رخ خان پنهنجي فلم ” زيرو “ جي ناڪامي تي کلي نموني ڳالهايو ۽ چيو ته جيڪڏهن منهنجي حياتي ۾ چئلينج نه هجن ها ته جتي اڄ مان آهيان ڪڏهن به ان مقام تي نه پهچي سگهان ها. اڄ جڏهن ته 25  سال پٺتي نظر ڊوڙائيندو  آهيان ته محسوس ٿيندو آهي ته هي سفر ايترو آسان نه هو. شاهه رخ خان زيرو کان اڳ پنهنجي فلم فين جي ناڪامي تي ڳالهائيندي چيو ته فلم فين جي ناڪامي مونکي مايوس ڪري ڇڏيو هو پر مان ناڪامي کي ڪڏهن به پاڻ تي حاوي ٿيڻ ناهي ڏنو پر ان ناڪامي کانپوءِ مان پنهنجو بهترين ڪم پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.  ڪنگ خان 2011ع ۾ ريليز ٿيل فلم را ون بابت چيو ته جڏهن فلم را ون مداحن جي معيار تي پورو نه لهي سگهي ته ماڻهو اهو سوچي رهيا هئا ته مان ويزول اينفيڪٽس ( وي ايف ايڪس) واريون فلمن ۾ ڪم نه ڪندس پر مان ائين نه ڪيو، را ون کانپوءِ فين ۽ زيرو ۾ ڪم ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *