مان جڏهن اسپتال ۾ هيس جنرل باجوه ان وقت 10 ڪور جو ڪمانڊر هيو: پرويز مشرف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته هو سياسي ۾ رهي وزيراعظم نه ٿو ٿيڻ چاهي ۽ نه ئي ڪو عهدو وٺڻ چاهي ٿو پر هو صرف معاونت جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو، هن چيو ته مان جڏهن اسپتال ۾ هيس ته جنرل باجوه ان وقت 10 ڪور جو ڪمانڊر هيو، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته وکريل ايم ڪيو ايم کي گڏ ڪيو وڃي، ايم ڪيو ايم ۾ ڪو به پسنديده ڌڙو ناهي پر سڀني سان گڏ آهيان، هن چيو ته ايم ڪيو ايم وکريل آهي، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ اهڙو ليڊر ناهي، جيڪو انهن کي گڏ ڪري سگهي، اهي منهنجي ڪافي عزت ڪندا آهن، پرويز مشرف چيو ته منهنجي دور ۾ الطاف حسين جا لاڳاپا را سان نه هيا، جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها ته ان کي سڌو ڪريان ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *