مان اڄ به رنبير ڪپور لاءِ پنهنجي دل ۾ چاهه محسوس ڪندي آهيان: دپيڪا پڊونڪر

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ۽ اداڪار رنبير ڪپور جي اڳوڻي گرل فرينڊ دپيڪا پڊوڪون هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو ته هوءَ رنبير ڪپور جي لاءِ اڄ به پنهنجي دل ۾ چاهه محسوس ڪري ٿي ۽ کيس وساري نه ٿي سگھي. اداڪارا دپيڪا پڊوڪون اڄ ڪلهه فلم ”رام ليلا“ ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ رنوير سنگھه سان ڏٺي پئي وڃي، پر هن چيو ته رنبير منهنجي زندگيءَ جو اهم حصو بڻيل رهندو. هن چيو ته اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترو ئي اڳتي ڇو نه هليا وڃو ۽ اسان دنيا جي سامهون ڪيترو به پاڻ کي نارمل ڇو نه رکون ۽ اها دعويٰ ڪيون ته اسان کي هڪ ٻئي سان ڪم ۾ به ڪو اعتراض ناهي پر اهو تعلق جيڪو هڪ ڀيرو ٺَهي وري ڊهي وڃي، اهو ڪڏهن به ڊهي يا وساري نه ٿو سگھجي، اداڪارا دپيڪا چيو ته رنبير ۽ مون وچ ۾ هڪ خاص تعلق هو جنهن کي ڪير به سمجھي ناهي سگھيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *