مانچسٽر سٽي ڪيلينڊر ايئر ۾ گولن ۾ سينچري مڪمل ڪري ورتي

مانچسٽر (اسپورٽس نيوز) مانچسٽر سٽي 1982ع کان پوءِ ڪيلينڊر ايئر ۾ گولن جي سينچري اسڪور ڪندڙ پهريون ڪلب بڻجي ويو آهي. هلندڙ سال ليگ ۾ ٽيم 55 پوائنٽس سان اڳڀري آهي، ان کي مانچسٽر يونائيٽڊ تي 14 پوائنٽن جي سرسي حاصل آهي، ان کان 35 سال اڳ 1982ع ۾ اهو ڪارنامو ليور پول انجام ڏنو هو، ان ڪيلينڊر ايئر۾ 106 گول ڪيا هئا، جڏهن ته مانچسٽر سٽي اهو ڪارنامو گذريل ڏينهن بورن مائوٿ ڪلب خلاف 0-4 تان ڪاميابي ماڻي انجام ڏنو. ان پرفارمنس کانپوءِ سيزن ۾ ڪلب جي گڏيل گولن جو انگ 100 ٿي ويو آهي، جنهن ۾ پريميئر ليگ جا 60 گول به شامل آهن. واضح رهي ته اها مانچسٽر سٽي جي لاڳيتي 17هين فتح هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *