مانسھرا جو جلسو ڏسي اپوزيشن جون ڪانپين ٽانگ رھيون آھن: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعطم عمران خان سان چوڌري نثار جي ملاقات ڪجهه مهينا اڳ ٿي هئي هڪ انٽرويو۾ وفاقي وزير چيو ته اسان چوڌري نثار کي اليڪشن کان اڳ به شامل ٿيڻ لاءِ چيو هو پر اسان کي ان پاران شامل ٿيڻ کان اڳ غلام سرور خان کان راءِ وٺڻي پوندي هن چيو ته غلام سرور خان اسان سان رڪ جي ڀت جيان بيٺو آهي اسان ان کي ٻڌائڻ بنا ڪوئي فيصلو نه ڪنداسين فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن چوڌري نثار پي ٽي آئي ۾ اچي ٿو ته اسان کي فائدو ٿيندو وفاقي وزير چيو ته عثمان بزدار جي معاملي تي به 27، 28 مارچ کان پوءِ ڳالهه ٿيندي. عثمان بزدار تي به ڪافي شيون اڳتي وڌيون آهن اسان جو هن وقت ڌيان 27 مارچ جي جلسي تي آهي هن چيو ته 12 ميمبر ميڊيا تي آيا هئا جن مان 6 کان 7 ميمبر واپس اچي ويا آهن مون کي لڳي ٿو ته 2 يا 3 ميمبر رهجي ويندا باقي سڀ واپس اچي ويندا فواد چوڌري چيو ته اتحادي اعلان ڪري ڇڏيندا ته هڪ ٻه ماڻهو رهجي ويندا باقي واپس اچي ويندا اتهادين جي فيصلي سان کوڙ ساريون شيون سامهون اچڻ شروع ٿي وينديون اپوزيشن جيڪڏهن عدم اعتماد هارائيندي ته ان جي سياست ختم ٿي ويندي هن چيو ته اسپيڪر کي فيصلو ڪرڻو آهي ته باڻي ميمبرن جي ووٽ جي حيثيت ڇا آهي آئين ۾ جتي مدو نه آهي اتي نااهلي سڄي ڄمار لاءِ آهي. فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته اڄ ڇنڇر تائين چار باغي ميمبر واپس اچي ويندا، فضل ڍانڊلا پريس ڪانفرنس ۾ واپسي جو اعلان ڪندو تفصيل مطابق قومي اسيمبلي اسپيڪر پاران اجلاس سومر تائين ملتوي ڪرڻ کان پوءِ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اجلاس ملتوي ڪرڻ جي ايجنڊي تي اپوزيشن متفق هئي ڇو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اها روايت هلي رهي آهي وفاقي وزير چيو ته وزيراعطم چيو هو ته آخري پتو هاڻي اسان کي کيڏڻو آهي ۽ اپوزيشن چيو ته اسان حڪومت ڪيرائي ڇڏينداسين هي ايترو سولو نه آهي فواد چوڌري چيو ته ووٽنگ لاءِ 5 ڏينهن جو وقت هوندو آهي ٽن ڏينهن لاءِ بي اعتمادي رٿ تي بحث ٿيڻو هوندو آهي اڄ کين هڪ سرپرائز مليو آهي ٻيو سرپرائيز کين 27 تي ملندو هن چيو ته پي ٽي آئي جا 4 باغي ايم اين ايز سان رابطي ۾ آهيون اميد آهي ته اڄ ڇنڇر تائين 4 ماڻهو واپس اچي ويندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *