ماضي ۾ ڪيترن ئي سياسي ماڻهن انتقامي ڪارروائين تي روئي ڏنو هو ۽ سياسي ڪارڪن شرمند ٿيا هئا:مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته ماضي ۾  ڪيترن ئي سياسي ماڻهو انتقامي ڪارروائين تي روئي ڏنو هو ۽  سياسي ڪارڪن شرمند ٿيا هئا. هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيو چيو ته  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سياسي ڪارڪن ناهي، سندس ڪلاس روم به الڳ هو. هن چيو ته ميان صاحب ۽ سندس ٻارڙن تڪليفون برداشت ڪيون آهن، گهرو وزير کي نواز شريف جي تڪليفن  جو احساس ڪئين ٿيندو؟. سندس چوڻ هو ته صوبائي حڪومت امن امان جي حوالي سان جوڳا قدم کڻي رهي آهي، ڪراچي ۾ ڏوهي سرگرميون گهٽجي ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *