ماضي ۾ حڪومت ڪندڙن هڪٻئي جو پڇاڻو نه ڪيو ، هڪٻئي جي ڪرپشن تي ڪک ۽ ڍڪَ رکيا: سراج الحق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته ڪراچي جي خوشحالي ۽ ترقي کي اڻٽر سمجهون ٿا ۽ ان لاءِ ئي تحريڪانصاف سان ٻڌي ڪري رهيا آهيون.28 نومبر تي  ڪراچي ۾ وڏي ريلي ڪڍي ويندي، جنهن ۾ عمران خان به شامل ٿيندو. ذريعن مطابق پريس ڪانفرنس ڪندي سراج الحق چيو ته ماضي ۾ حڪومت ڪندڙن هڪٻئي جو پڇاڻو نه ڪيو ۽ هڪٻئي جي ڪرپشن تي ڪک ۽ ڍڪَ رکيا. هاڻي به “اسٽيٽس ڪو” جون قوتون هڪ ٿي ويون آهن.سندس چوڻ هو ته مڪاني چونڊن تي هڪ وڏو سواليا نشان موجود آهي ۽ ڪيترائي شڪ آهن، 5 ڊسمبر تي سليڪشن نه پر اليڪشن چاهيون ٿا، اسان چاهيون ٿا ته آفيسرن جي مقرري جو عمل شفاف بڻايو وڃي ۽ پولنگ اسٽيشنز جي اندر فوج جي مقرري ضروري آهي. سراج الحق جو چوڻ هو ته 28 نومبر تي ڪراچي ۾ وڏي ريلي ڪڍي ويندي، جنهن ۾ عمران خان به شامل هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *