ماضي ۾ بلوچستان جي معاشي، اقتصادي اهميت تي ڌيان نه ڏنو ويو: ممنون حسين

ڪوئيٽا (م.د) ماضي ۾ بلوچستان جي معاشي ۽ اقتصادي اهميت تي ڌيان نه ڏنو ويو پر جمهوري حڪومت بلوچستان جي ترقي ۽ ان کي ملڪ جي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ لاءِ سموريون ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي اها ڳالهه صدر ممنون حسين ڪوئيٽا ۾ گورنر بلوچستان محمد خان اچڪزئي سان ملاقات ۾ ڪئي ملاقات ۾ گوادر کان ڪاشغر معاشي راهداري جا منصوبا، معاشي راهداري جي منصوبي ۾ مرحيليوار روڊ ۽ ريل نيٽ ورڪ جي اڏاوت ۽ بلوچستان جي انتظامي ۽ ملڪ جي جملي سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هن چيو ته گوادر کان ڪاشغر تائين معاشي راهداري جي رٿا بلوچستان جي تعاون کان سواءِ ناممڪن آهي رٿا جي تعمير کان پوءِ معاشي راهداري جي مثبت اثرن کان بلوچستان جو عوام به سڌي طرح فائدو وٺندو گورنر بلوچستان محمد خان اچڪزئي بلوچستان جي ترقي لاءِ جمهوري حڪومت جون ڪوششون ساراهيندي صوبي جي انتظامي معاملن ۽ اهم معاملن تي پاڪستان جي صدر کي بريف ڪيو ملاقات ۾ گورنر بلوچستان جي وڏي ڀاءُ احمد خان اچڪزئي جي وفات تي مرحوم جي بلند درجن لاءِ فاتحه خواني ڪئي ويئي ان کان اڳ جڏهن صدر بلوچستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهتو ته گورنر بلوچستان ۽ صوبائي وزيرن ۽ چونديل نمائندن صدر جو استقبال ڪيو ٽن ڏينهن جي دوري ۾ صدر ڪوئيٽا کان علاوه اڄ زيارت به ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *