مارٽينا هنگس ۽ جمي مري يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ مڪسڊ ڊبلز ايونٽ کٽي ورتو

نيويارڪ(اسپورٽس نيوز) ڪينيڊا جي مارٽينا هنگس ۽ سندس برطانوي جوڙيدار مري يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ مڪسڊ ڊبلز ايونٽ کٽي ورتي. هن فائنل ۾ نيوزيلينڊ جي مائيڪل وينس ۽ ان جي تائيوان جي جوڙيدار چن هائو چنيگ کي هارائي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو. آمريڪا ۾ جاري سال جي چوٿين ۽ آخري گرينڊ سلام ٽينس ٽورنامينٽ جي سلسلي ۾ کيڏيل مڪسڊ ڊبلز فائنل ميچ ۾ ڪينيڊا جي مارٽينا هنگس ۽ ان جي برطانوي جوڙيدار جمي مري سخت مقابلي کان پوءِ نيوزيلينڊ جي مائيڪل وينس ۽ ان جي تائيوان جي جوڙيدار چن هائو چنيگ کي ۱_٦، ٦_۴ ۽ ۸_۱۰ تان هارائي ٽورنامينٽ کٽي ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *