ماريه شيراپووا آسٽريلين اوپن ويمنز سنگلز مقابلن جو ٽيون مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو

ميلبورن (اسپورٽس نيوز)ماريه شيراپووا، اٿينسڪارا ڊوسنڪا ۽ بليڊا بنيچ آسٽريلين اوپن ويمنز سنگلز مقابلن جو ٽيون مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو، گذريل ڏينهن کيڏيل ٽئين رائونڊ ۾ عالمي نمبر ون روس جي ماريه شيرا پووا آمريڪا جي لارن ڊيوس کي دلچسپ مقابلن کان پوءِ 1-6، 7-6 ۽ 0-6 تان هارائي چوٿين رائونڊ ۾ جاءِ ٺاهي، ماريه شيرا پووا پولينڊ جي اٿينسڪارا ڊوسنڪا پورٽوريڪو جي مونيڪا پوئيگ کي آساني سان 4-6 ۽ 0-6 تان هارائي ايندڙ رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو، اٽلي جي روبر ٽاونچي پنهنجي جرمن مخالف هٿان 6-0، 4-6 ۽ 4-6 تان اپ سيٽ شڪست ملي، هڪ ٻي ميچ ۾ سوئٽزرلينڊ جي بلينڊا يوڪرين يج ڪيٽريانه بونڊا رينڪو کي 6-4، 2-6 ۽ 4-6 تان شڪست ڏني

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *