ماريا شيرا پووا اڍائي سالن کانپوءِ پهريون وڏو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو

تيانجن(اسپورٽس نيوز) روس جي ٽينس اسٽار ۽ اڳوڻي عالمي نمبر ون ماريا شيراپووا اڍائي سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو تيانجن اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ ڪالهه چين جي شهر تيانجن ۾ جاري ويمنز سنگلز جي فائنل مئچ ۾ ماريا شيراپووا جو مقابلو بيلاروس جي ارينا سباليڪا سان ٿيو، جنهن دوران ماريا شيراپووا ارينا سباليڪا کي ۵،۷ ۽ ٦،۷ تان اپ سيٽ شڪست ڏئي ڇڏي، اهڙي طرح ماريا شيراپووا اڍائي سالن کان ڪنهن ايونٽ ۾ نه رڳو فائنل ۾ پهتي آهي پر هن ٽائٽل پڻ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته ماريا شيراپووا پابندي وارين دوائن جي استعمال سبب ۱۵ مهينا ٽينس ڪورٽ مان ٻاهر نڪرڻ جي پابندي ڀوڳي چڪي آهي، ماريا شيراپووا آخري ڀيرو ۲۰۱۵ع ۾ اطالوي اوپن جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *