مائيڪرو سافٽ جو باني پاڪستان پهتو، وزيراعظم سان ملاقات، بل گيٽس کي هلال پاڪستان ايوارڊ سان نوازيو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مائڪرو سافٽ باني بل گيٽس پاڪستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو. مائڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس وزيراعظم هائوس ۾ عمران خان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پوليو روڪ مهم ۽ ڪورونا جي روڪٿام جي حوالي سان گفتگو ڪئي وئي. ذريعن موجب ان کان اڳ بل گيٽس ڪورونا بابت چڪ شهزاد ۾ قائم اسپتال جو دورو به ڪيو، جڏهن ته هو اين سي او سي هيڊ ڪوارٽرز به ويو. بل گيٽس اين سي او سي سربراهه اسد عمر ۽ صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سان ملاقات پڻ ڪئي، هو وفد سان گڏ اين سي او سي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. اين سي او سي موجب بل گيٽس ۽ وفد ڪورونا جي روڪٿام لاءِ اداري جي ڪردار کي ساراهيو.  ٻئي طرف مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس کي هلال پاڪستان ايوارڊ سان نوازيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي بل گيٽس کي هلال پاڪستان ايوارڊ سان نوازيو. بل اينڊ ميلنڊا گيٽس جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس کي هلال پاڪستان ايوان صدر ۾ ٿيندڙ خصوصي تقريب ۾ ڏنو ويو. خصوصي تقريب ۾ وفاقي وزيرن به شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي. جنهن کان پوءِ مائيڪرو سافٽ جي باني کي خصوصي اعزاز سان نوازيو ويو. هوڏانهن بل گيٽس وزيراعظم عمران خان سان به ملاقات ڪئي. جڏهن ته دنيا جي امير ترين ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل مائيڪرو سافٽ جي باني اين سي او سي هيڊ ڪوارٽرز جو به دورو ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *