مائينس بزدار کان گهٽ ڪا ڳالهه نه ٿيندي، جهانگير ترين گروپ جو اعلان

لاهور(م.ڊ) جهانگير ترين گروپ جي اڳواڻ چيو  آهي ته مائينس عثمان بزدار ٿيندو ته ڳالهه اڳتي وڌندي. ان کان گهٽ ڪا ڳالهه نه ٿيندي. هنن چيو ته اسان فيصلي جو اختيار جهانگير ترين کي ڏئي ڇڏيو آهي، جهانگير ترين گروپ جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا، ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي نعمان لنگڙيال چيو ته اسان گروپ جي سمورن فيصلن جو اختيار جهانگير ترين کي ڏئي ڇڏيو آهي، عبدالعليم خان کي به چيو آهي ته هو جهانگير ترين جي فيصلن تي قائم رهندو، ه جي فيصلي سان ڪنهن کي اختلاف نه هوندو. هن چيو ته اسان سان مختلف پارٽين رابطو ڪيو آهي، رابطا جاري آهن، ترين گروپ جي هڪ هڪ ميمبر جو اتفاق آهي ته مائنس بوزدار کانپوءِ معاملو اڳتي وڌندو.نعمان لنگڙيال چيو ته اسان مينڊيٽ کڻي آيا آهيون، قوم ۽ پي ٽي آءِ لاءِ سٺو سوچي رهيا آهيون، ڪا به بغاوت ناهي، ڪا رڪاوٽ ناهي، هن چيو ته عليم خان وڏو وزير ٿيندو يا نه ان بابت جهانگير ترين فيصلو ڪندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻو صوبائي وزير عبدالعليم خان به ترين گروپ ۾ شامل ٿي ويو هو ۽ پنجاب ۾ گورننس تي سوال اٿاريا هئا، گذريل رات سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل وزيراعظم جي هدايت تي عليم خان کي راضي ڪرڻ لاءِ لاهور پهتو هو، جڏهن ته پرويز خٽڪ اڄ گروپ سان رابطو ڪري مشاورتي اجلاس سڏايو هو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *