لڳي ٿو ته پرويز مشر ف جي ٻاهر وڃڻ تي نواز شريف پاڻ راضي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو)  قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته هاءِ پروفائل ڪيس ۾ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جي ذميواري سپريم ڪورٽ جي آهي، وفاقي حڪومت ذهانت جو مظاهرو ڪندي معاملو پنهنجي مٿان اچڻ نه ڏنو، مون کي ته لڳي ٿو ته پرويز مشر ف جي ٻاهر وڃڻ تي نواز شريف پاڻ راضي آهي، اهڙو اظهار هن اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت تي پنهنجو رد عمل ڏيندي ڪيو، خورشيد شاهه چيو ته پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو اکين تي آهي، هاءِ پروفائل ڪيس ۾ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جي ذميواري سپريم ڪورٽ جي آهي، حڪومت ذهانت جو مظاهرو ڪندي ان ڪيس کي پنهنجي مٿان اچڻ ئي نه ڏنو ، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو آئين ۾ آرٽيڪل 6 شامل ڪرايو پر آئين کيس ڦاسي کان نه بچائي سگهيو ،هن وڌيڪ چيو ته مونکي لڳي ٿو ته آئين جي آرٽيڪل 6 کان به طاقتور  ڪو ٻيو ويٺوآهي، جڏهن ته پرويز مشرف  جي ٻاهر وڃڻ  تي نوازشريف  پاڻ راضي آهي ، خورشيط شاهه چيو ته نوازشريف جڏهن پاڻي راضي آهي ته باقي ٻيون پارٽيون  ڇا ٿيون ڪري سگهن؟001

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *