لڳي ٿو ته مڪاني چونڊن ۾ مرضي جا نتيجا نه اچڻ تي قانون تبديل ڪيو ويو: چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئرز جي چونڊ بابت پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو خميس تي چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي فاروق ايڇ نائڪ عدالت کي ٻڌايو ته مخصوص سيٽون پارٽي لست جي بنياد تي مڪمل ڪرڻ لاءِ پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جو اتفاق ٿيو پارٽي لسٽ تي چونڊن لاءِ سنڌ لوڪل گورنمنيٽ ايڪٽ جو سيڪشن 18 بحال ڪرڻو پوندو فاروق ايڇ نائب چيو ته هاڻي صرف ميئر، ڊپٽي ميئرز، چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊن جو معاملو باقي آهي ان موقعي تي چيف جسٽس انور ظهير جمالي چيو ته ايئن لڳي ٿو ته مقاني چونڊن ۾ مرضي جا نتيجا نه اچڻ تي قانون تبديل ڪيو ويو ڇا حڪومت چونڊن جو مرحولو شروع ٿيڻ کان پوءِ قانون ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي. فاروق ايڇ نائڪ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جيڪڏهن فيصلو رد ڪيو وڃي ته ڪنهن سان زيادتي نه ٿيندي اڃا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊن جو شيڊول جاري ناهي ٿيو شو آف هينڊ چونڊن سان هارس ٽريڊنگ ختم ٿيندي ڳجهي راءِ شماري سان هال سينيت جون چونڊن جهڙو ٿيندو چيف جسٽس چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ فنڪشنل کي اعتراض هو تڏهن ئي هو عدالت آيا فيصلو محفوظ ڪندي چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ 15 اپريل تي هن معاملي تي مختصر فيصلو جاري ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *