ليور پول برنلي کي شڪست ڏئي چوٿين پوزيشن تي قبضو ڪري ورتو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) انگلش پريميئر ليگ ۾ ليور پول برنلي کي 3 گول تان شڪست ڏئي چوٿين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. پريميئر ليگ ۾ ليور پول برنلي خلاف پنهنجي اهم ميچ ۾ 3 ٻڙي تان ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته اهڙي ڪاميابي سان هو ٽيبل تي چوٿين نمبر تي اچي وئي آهي. هڪ ٻي ميچ ۾ آرسنل ڪرشل پيلس خلاف 35 هين منٽ ۾ برتري حاصل ڪئي،جڏهن ته 62هين منٽ ۾ ميچ برابر ٿي، انجري ٽائم ۾ آرسنل گول ڪري ميچ 3 هڪ تان کٽي ورتي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *