لياقت جتوئي ۽ ارباب رحيم کي جمهوريت هضم نه پئي ٿئي : شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي دور ۾ ڪنهن کي انتقامي ڪارروايون جو نشانو ناهي بڻايو پر اربابرحيم حڪومت کي مجبور ڪري رهيو آهي، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم پنهنجي دور ۾ 45 ٽارگيٽ ڪلرز کي پيرول تي آزاد ڪري پرڏيهه فرار ڪرايو جنهن جا ثبوت موجود آهن ۽ جيڪڏهن انهن ثبوتن کي عدلات ۾ پيش ڪيو وڇي ته دنيا جا ڪابه طاقت ان کي رد نه ٿي ڪري سگهي هن چيو ته پيپلز پارٽي اڄ تائين پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪنهن کي انتقامي ڪارروائي جو نشانو ناهي بڻايو  اسان ڪوشش ڪئي آهي ته ڪنهن جي خلاف انتقامي ڪارروائي نه ڪريون پر لياقت جتوئي ۽ ارباب رحيم کي جمهوريت راس نه ٿي اچي، اطلاعات واري وزير چيو ته ارباب رحيم جي دوري ۾ سنڌ ۾ وڏا وڏا سانحا ٿيا ۽ انهي جي ئي دور ۾ 12 مئي جو واقعو پيش آيو جڏهن ته ان ئي دور ۾ بينظير ڀٽو تي حملو ڪيو ويو ۽ ارباب رحيم بينظير جي جلوس کي سيڪويرٽي به فراهم نه ڪري سگهيو هو پر اڄ اسان لکن جي جلوس جي حفاظ ڪري سگهون ٿا، هن جو چوڻ هو ته لياقت جتوئي قانوني طور تي اسيمبلي ميمبر ناهي رهيو اهو ٻڌائي ته ڪهڙي حيثيت سان اسيمبلي ۾ ويٺو آهي هن مسلم ليگ ن جي ٽيڪٽ تي اليڪشن وڙهي ۽ اڄ هو نواز شريف تي ئي تنقيد ڪري ٿو جڏهن ته هن وقت لياقت جتوئي ۽ ارباب رحيم جو ڪوبه ليڊر ناهي هن ڀيري حڪومت نرم آهي پر اپوزيشن طاقت جي نشي ۾ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *