لياري گينگ وار جي جوابدار عزير بلوچ تي دبئي ۾ ڪيس داخل

دبئي (م.ڊ) لياري گينگ وار جي اهم ڪردار عزير بلوچ تي دبئي ۾ رقم جي ڏيتي ليتي تي تڪرار جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي جنهن کانپوءِ گهربل جوابدار جي پاڪستاني واپسي لڙڪي پئي آهي دبئي ۾ حسنين علي بلوچ نالي هڪ شخص ڪيس  داخل ڪرايو آهي عزير بلوچ ان جي 2 لکن جو قرضي آهي پر ڪيترائي ڀيرا مطالبي جي باوجود رقم واپس نه پيو ڪري، ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ حسنين علي بلوچ پوليس سان ٻيهر ڪوبه رابطو ناهي ڪيو، ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ عزير بلوچ کي پاڪستان واپس آڻن واو معمولي غير معمولي دير جو شڪار ٿي ويو آهي ڇو ته انٽرپول قانونن مطابق پڪڙيل جوابدار تي جيڪڏهن هن ملڪ ۾ جتان هو پڪتو ويو هجي ڪو ڪيس داخل هجي ته پهريان ان ڪيس جو فيصلو ڪيو ويندو ان کانپوءِ جوابدار کي گهربل ملڪ جي حوالي ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *