لياري ٻيهر ميدانِ جنگ ۾ تبديل، فائرنگ، بم حملا، 4 مارجي ويا ، 7 زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سائيٽ ايريا مان پابندي تنظيم جي اهم ڪمانڊر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. لياري جي علائقي ڪلاڪوٽ ۾ رينجرز ۽ پوليس جي مبينا مقابلن ۾ عزير بلوچ گروپ جي وقتي سربراهه سميت گينگ وار جا 4 جوابدار مارجي ويا. شهر ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري آھن. سائيٽ ايريا ۾ رينجرز پابندي تنظيم تحريڪ طالبان سميت گروپ جي اهم ڪمانڊر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدار فرقيواراڻي ٽارگيٽ ڪلنگ، پوليس ۽ رينجرز تي حملن سميت سنگين ڏوهن ۾  گهربل هو. لياري جي علائقي ڪلاڪوٽ ۾ ڏوهارين جي موجودگي جي اطلاع تي رينجرز علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو. تلاشي دوران جوابدارن رينجرز تي فائرنگ ڪئي جوابي فائرنگ ۾ گينگ وار جا جوابدار سهيل عرف خوف ۽ شهريار عرف شيري مارجي ويا ٻنهي جو تعلق بابا لاڊلا گروپ سان هو. ڪلاڪوٽ ۾ پوليس سان مقابلي ۾ عزير بلوچ گروپ جي 2 جوابدار مختار عرف لونڊ ۽ عارف مارجي ويا.ل پوليس موجب جوابدارن بڪتربند گاڏين تي حملو ڪيو ۽ جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويا. ايس ايس پي سٽي موجب عزير بلوچ جي غير موجودگي ۾ عرف لونڊ هن گروپ کي هلائي رهيو هو. ٻئي پاسي لياري ۾ گينگ وار جي ٻن گروپن ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي فائرنگ ۽ دستي بم حملن ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *