لياري ٻيهر جنگ جو ميدان بڻجي ويو، بمن ۽ گولين جي برسات، پ پ جا 3 عهديدار قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياري جو علائقو هڪ دفعو ٻيهر جنگ جو ميدان بڻجي ويو هٿياربند گروپن جا هڪٻئي تي جديد هٿيارن سان حملا پيپلزپارٽي جا 3 علائقائي عهديدار قتل خميس جي صبح به ڇڪتاڻ برقرار گلستان ڪالوني ۽ رانگي واڙا ۾ دستي بمن جي برسات سردار عذير بلوچ جي در تي ٽي ايوان گولا فائر ڪيا يوا جٽ پٽ مارڪيٽ عيدو لين غلام شاهه لين ۾ به دستي بمن سان حملا سردار عذير بلوچ جي گهر تي ٽي ايوان گولا اڇلايا ويا سنڌ جي وڏي وزير پيپلزپارٽي جي علائقائي عهديدارن جي قتل جو نوٽيس وٺندي قاتل گرفتار ڪرڻ ۽ ڏوهارين خلاف وڏو آپريشن ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. ذريعن موجب نپيئر جي علائقي لياري زونل آفيس بزد شاهه ٽيرس ۾ قائم دواخاني ويجهو ڪرسين تي ويٺل ماڻهن تي موٽر سائيڪلن تي سوار لياري گينگ وار جي ڏوهارين انڌاڌند فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا جنهن سان علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو جڏهن ته واقعي وقت ڀاڄ پئجي ويئي پوليس ۽ رينجرز اطلاع ملندي ئي ٿڏي تي پهچي زخمي ماڻهن کي سول اسپتال پهچايو جتي عنايت بلوچ ولد خدابخش، اعجاز لوڌي ۽ عبدالشڪور بلوچ مارجي ويا جڏهن ته سخت زخمي علي حيدر بلوچ کي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي علي حيدر بلوچ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي پوليس موجب مقتول عنايت بلوچ ڊسٽرڪٽ سائوٿ پيپلز خاڪروب يونين جو صدر هو ۽ عبدالشڪور پيپلزپارٽي جو ڪارڪن هو جڏهن ته اعجاز لوڌي مقتول ۽ پيپلزپارٽي جي ڪارڪن علي حيدر جو دوست هو ڪجهه ڏينهن اڳ ئي لنڊن مان آيل هو پوليس جو چوڻ هو ته بابا لاڏلا گروپ جي لڳ ڀڳ 15 کان 20 هٿياربندن انڌاڌند فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا واقعي کان پو3 جٽ پٽ مارڪيٽ رانگهي واڙا سنگهولين شاهه بيگ لين 8 چوڪ ۽ ٻين علائقن ۾ لياري گينگ وار جي ٻن گروپن ۾ هٿياربند ويڙهه شروع ٿي ويئي رات دير تائين فائرنگ ٿيندي رهي جنهن سبب علائقي واسي پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *