لياري ميڊيڪل ڪاليج ۾جعلي داخلائن جو انڪشاف، متاثرن پاران عدالت وڃڻ جو اعلان جو احتجاج

ملير(ڊ.ر) شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري ۾ ڪراچي جي ٻهراڙين لاءِ رکيل سيٽن تي ڌاڙو، ڪيترن ئي با اثر ماڻهن ٻهراڙين جا جعلي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي ٺهرائي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي، ٻهراڙي جي شاگردن ۽ والدين جي احتجاج بعد ڊي سي ملير ڪيترن ئي شاگردن جا ڊوميسائيل رد ڪري ڇڏيا. ڊي سي ويسٽ جعلي دوميسائيل رد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيا. ٻهراڙين جي شاگردن ۽ والدين جو احتجاج، ٻهراڙين جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. جيڪڏهن جعلي پي آر سي ۽ ڊوميسائيل رد ڪري اسان سان انصاف نه ڪيو ويو ته عدالت ۾ وينداسين. ڪراچي ٻهراڙي جي شاگردن ۽ و الدين جون صحافين سان ڳالهيون تفصيلي رپورٽ مطابق شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪراچي جي ٻهراڙي وارن پٺتي پيل علائقن لاءِ مخصوص ڪيل ميڊيڪل جي سٽن تي جعلي پي آر سي ۽ ڊوميسائيلن ذريعي ڪراچي شهر ۽ ملڪ جي ٻين شهرن جي با اثر ماڻهن جي پٽن ۽ ويجه مائٽن کي داخلا ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. انهي سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته ضلعي ملير جي علاقي گڏاپ لاءِ مخصوص ڪيل 10 سيٽن، بن قاسم جي مخصوص ڪيل 10 سيٽن ۽ضلعي ويسٽ جي ٻهراڙين لاءِ مخصوص ڪيل ميڊيڪل جي 10 سيٽن تي ڪراچي ٻهراڙي جي حقيقي شاگردن جي بجاءِ سمورين سيٽن تي جعلي ڊوميسائيلن ذريعي ڌارين کي داخلا ڏني وئي آهي. گڏاپ جي ٻهراڙي وارن ڳوٺن جي سيٽن تي جعلي پي آر سي ۽ ڊوميسائيلن ذريعي جن غير مقامي شاگردن کي شهيد بينظير ميڊيڪل ڪاليج لياري ۾ داخلا ڏني وئي آهي.، انهن ۾ مس ملحه فاطه، مس عائشه خان، مس ساميه قادر، شاهه مير رئوف، ردا راقب خان، صدام حسين، محمد محسن اسحاق، فهرين احسان، عبدالباسط شامل اهن. جڏهن ته ضلعي اولهه جي ٻهراڙي وارن ڳوٺن جي جعلي ڊوميسائيل تي جن کي ميڊيڪل ۾ داخلا ڏني وئي آهي انهن ۾ مس ڪرن علي، محمد ميران حسن، پارس، مائره، مس شيزا پروين، عريشه عمران، رضا محمد، عائشه صديقي، محموده عرف حرا ۽ سريبا ڪلثوم شامل آهن. اهڙي طرح بن قاسم جي ٻهراڙي وارن ڳوٺن لاءِ مخصوص ڪيل ميڊيڪل جي سيٽن تي به ٻهراڙي وارن شاگردن جي حقن تي ڌاڙو هڻي ٻين صوبن ۽ شهرن جي با اثر ماڻهن جي پٽن ۽ ويجه عزيزن کي داخلائون ڏنيون ويون آهن. هوڏانهن ضلعي ملير جي مختلف ڳوٺن جي شاگردن ۽ والدين عبدالستار بڪڪ، محمد انور ميمڻ، محمد نواز بلوچ، اشفاق احمد ميمڻ، اسماعيل علي ۽ ٻين ملير پريس ڪلب پهچي صحافين کي ٻڌايو ته شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري ۾ ڪراچي جي پٺتي پيل ٻهراري وارن علائقن لاءِ ميڊيڪل جون سيٽون مخصوص ڪيون ويون آهن پر ڪراچي شهر ۽ ٻين صوبن جي با اثر ماڻهن ٻهراڙين جون ڪوڙيون پي آر سي ۽ ڊوميسائيل ٺهرائي پنهنجن پٽن ۽ عزيزن کي داخلائون ڏياريون آهن. هنن چيو ته اسان ڊي سي ملير جا ٿورائتا آهيون جنهن اسان جي درخواست تي جعلي ڊوميسائيل رد ڪيا اهن پر ڊي سي اولهه اسان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ به تيار نه آهي. ڳوٺن جي شاگردن ۽ والدين وزير اعليٰ سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته ٻهراڙين جي حقن تي لڳل ڌاڙي جو نوٽيس وٺي ڪوڙا ڊوميسائيل ۽ پي آر سيون رد ڪيون وڃن ۽ ٻهراڙين لاءِ مخصوص ڪيل ميڊيڪل جي سيٽن تي ٻهراڙين جي شاگردن کي داخلا ڏني وڃي. هنن چيو ته جيڪڏهن ڪوڙا ڊوميسائيل ۽ پي آر سي رد نه ڪيا ويا ته هو انصاف لاءِ عدالت ۾ ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *