لوڪل بل تي اپوزيشن سان ڳالھين لاءِ تيار آھيون پر اھي سياست پيا کيڏن: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت لوڪل باڊيز بل تي اپوزيشن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي پر جيڪڏهن هو (اپوزيشن) سياست کيڏڻ، گڏجاڻيون ڪرڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا ته پوءِ اهي جيڪي چاهين ڪن پر اسان مڪاني ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن ڪورنگي ۾ مائي هوم المصطفيٰ ٽرسٽ يتيم خاني جي نئين تعمير ٿيل عمارت جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سندس مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاهه ڪابينا ۽ اسيمبلي ۾ ترميمون آڻڻ کان اڳ مخالف ڌر جي پارٽين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. هن چيو ته مخالف ڌر کي تجويز ڏني هئي ته شهر ۾ ڊي ايم سي جي جاءِ تي ٽائون ٺاهيا وڃن ۽ هاڻي انهن سياست کيڏڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن وٽ بلدياتي ادارن جي قانون کي مضبوط ڪرڻ بابت ڪي به سٺيون تجويزون آهن ته اسان انهن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون. مراد علي شاهه چيو ته مخالف ڌرين بل تي ڪيس داخل ڪري سياسي اتحاد جو انتخاب ڪيو آهي، کين ائين ڪرڻ ڏيو ڇوته اهي مڪاني ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڳنڀير نه آهن. مراد علي شاهه چيو ته بلدياتي ادارن کان تعليمي ادارا ۽ صحت جون سهولتون واپس ورتيون ويون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي عوامي مفاد ۾ انهن کي صحيح نموني هلائڻ ۾ ناڪام ويا آهن پر کين ان جاءِ تي اسان انهن کي پبلڪ هيلٿ، لوڪل گورنمينٽ جا سمورا معاملا ۽ ٻيا شهري ادارا عوام جي نمائندگي لاءِ سهولت خاطر ڏنا آهن. غير قانوني اڏاوتن کي ريگيولر ڪرڻ لاءِ تجويز ڪيل آرڊيننس بابت پڇڻ تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ان جو مقصد غريب ماڻهن جي سيڙپڪاري کي تحفظ ڏيڻ آهي جيڪي عمارتن ۾ اپارٽمنٽ/ گهر خريد ڪندا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو بلڊر قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪري عمارت ٺاهي ٿو ته الاٽين تي ڏنڊ وجهڻ بدران بلڊر تي ڏنڊ لڳايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو آرڊيننس خلاف بيان ڏسي ڏک ٿيو جيڪو اصولن خلاف آهي. هن وڌيڪ چيو ته گورنر جي حيثيت سان کيس بيان جاري ڪرڻ بدران موڪليل سمري تي پنهنجا اعتراض رڪارڊ ڪرڻ گهرجن ها. مراد علي شاهه چيو ته اهڙو قانون پنجاب ۾ اڳ ئي موجود آهي جڏهن سنڌ اهڙو قانون آڻڻ چاهي ٿي ته پوءِ هي غير ضروري ٻئتال ڇو ڪيو پيو وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۾ پارٽي کي مضبوط ڪيو آهي.  هن چيو ته 2018ع ۾ اسان جا ووٽ 5000 کان 7 ڀيرا وڌيڪ 32000 تائين پهچي ويا آهن جڏهن ته مسلم ليگ ن جو ووٽ بئنڪ 90 هزار مان گهٽجي 42 هزار ٿي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ايندڙ چونڊن ۾ پنجاب ۾ زبردست ساک ماڻيندي. يتيم خانو: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مائي هوم المصطفيٰ يتيم خاني جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اتي رهندڙ سمورن ٻارن کي وزيراعليٰ هائوس ۾ ماني کارائڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته آئون پنهنجي ڪابينا جي سڀني ميمبرن کي دعوت ڏيندس ۽ اهي توهان سان ملاقات ڪندا، گڏ ماني کائيندا ۽ ڳالهيون پڻ ڪندا. هن چيو ته توهان اسان جو مستقبل آهيو ۽ اسان توهان جي حمايت ڪنداسين ۽ توهان کي مستقبل جي قيادت لاء تيار ڪنداسين. مراد علي شاهه چيو ته هو تقريب جو حصو بڻجي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هيءَ اهڙو مقصد آهي جيڪو سندس دل جي ويجهو آهي. هن چيو ته صوبي جي وڏي وزير جي حيثيت سان منهنجي دل ڏکوئيندڙ آهي ته پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 4 لک يتيم آهن ۽ گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ زلزلن جهڙين قدرتي آفتن سبب ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. ٻوڏ، طوفاني برساتن، ۽ دهشتگردي وڏي پئماني تي فوتگيون ۽ پاڙيسري ملڪن مان پناهگيرن جي وڏي آمد جو سبب بڻيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته کيس اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته المصطفيٰ ويلفيئر سوسائٽي ان سلسلي ۾ ڳنڀير ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته غيرمحفوظ يتيمن کي بچائڻ ۽ انهن کي گهر، تعليم، سٺي خوراڪ ۽ زندگي جي هر سهولت ڏيڻ ساراهه جوڳو ڪم  آهي.  هن چيو ته هن يتيم خاني کي ’مائي هوم‘ سڏڻ جو خيال خاص طور تي پسند ڪيو ڇوته ان نالي سان ٻارن ۾ عزت، ولولو ۽ تحفظ جو احساس پيدا ٿيندو. مراد علي شاهه چيو ته هو انهن ننڍڙن چيمپئن جي ڪارڪردگيءَ مان تمام گهڻو خوش ۽ متاثر آهي. هن چيو ته هي ٻار اسان جو مستقبل آهن ۽ مان اميد ڪريان ٿو ته انهن کي زندگي جي مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌندو ڏسان. هن المصطفيٰ جي خدمتن کي ساراهيو ۽ حاجي حنيف طيب جي انسانيت لاءِ ڪيل خدمتن کي ساراهيو. ان موقعي تي خطاب ڪندڙن ۾ حاجي نائف طيب ۽ جاويد غوري پڻ موجود هئا. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير يتيم خاني جي نئين عمارت جي افتتاح لاءِ تختي جي پڌرائي ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير اولڊ ايج هوم جو دورو ڪيو ۽ بزرگ شهرين سان ملاقات ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *