زوب (اي پي پي) بلوچستان جي ضلعي لورالائي جي علائقي مختار ۾ شدت پسندن جي چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ 7 اهلڪار شهيد ٿي ويا. 40 کان 50 شدت پسند ويڙهاڪن آچر ۽ سومر جي وچ واري رات دير سان سيڪيورٽي فورس جي چيڪ پوسٽ تي اوچتو حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سيڪيورسٽي فورسز جا 7 اهلڪار شهيد ٿي ويا. سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترا ئي ويڙهاڪ پڻ زخمي ٿي پيا. هٿياربندن جي حملي ۾ شهادت ماڻيندڙ اهلڪارن ۾ نائب صوبيدار محمد افضل، حوالدار سميع الله، محمد رمضان، عتيق الرحمان، تصور حسين، شاهد گل ۽ سميع الله شامل آهن. واقعي بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي جي ناڪه بندي ڪري ڇڏي ۽ شڪي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ تلاشي جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.