لورالائي: کاڻ اندر گيس ڀرجڻ سبب ڌماڪو، 7 مزدور فوت

لورالائي (م.ڊ) لورالائي جي تعلقي دڪي ۾ دمڙ ڪول ڪمپني جي کاڻ ۾ زهريلي گيس ڀرجڻ سبب 19 ڄڻا دٻجي ويا، مزدورن ۽ ليويز اهلڪارن پنهنجي مدد پاڻ تحت هڪ مزدور جو لاش جڏهن ته 11 ٻين مزدورن کي بيهوش واري حالت ۾ ڪڍي ڇڏيو هو گذريل چئن ڏينهن کان جاري آپريشن سبب وڌيڪ 7 مزدورن جا لاش ڪڍيا ويا، دڪي ۾ هر ڏينهن حادثا ٿيندا آهن پر هتي نه حادثن جي روڪٿام ۽ نه ئي مزدونر کي بچائڻ لاءِ ڪو سسٽم موجود آهي، گذريل هڪ سال ۾ ان طرح جا واقعا ٿيا ۽ ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيون گذريل ڏينهن ڪوئيٽا کان مددگار ٽيم گهرائي وئي، انهن امدادي ڪارروائي سان چئن ڏينهن جي آپريشن کانپوءِ اڄ چئن مزدورن جن ۾ بخت، مير عالم، عقل زمان،  عظمي خان جا لاش ڪڍي ورتا، ٻين ٽن مزدورن جا لاش ڪڍڻ لاءِ آپريشن جاري آهي مزدورن جا ڪڍيل لاش سڙيل آهن، بلوچستان جي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ فوت ٿيل هر پورهيت جي ڪٽنب لاءِ 8، 8 لک رپين جي معاوضي جو اعلان ڪيو آهي. هن فوت ٿيل پورهيتن جا لاش هيلي ڪاپٽر وسيلي انهن جي اباڻن علائقن ڏانهن موڪلڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *