لوئر اورڪزئي ۾ فٽبال مئچ دوران ڌماڪو، 5 ڄڻا مارجي ويا

لوئر اورڪزئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) لوئر اورڪزئي ايجنسي ۾ فٽبال ميچ دوران ڌماڪي سبب 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، وزيراعظم انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي صوبائي حڪومتن کي دهشتگردي خلاف قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي سرڪاري ذريعن مطابق لوئر اورڪزئي ايجنسي ۾ مقامي ٽيمن وچ ۾ فٽبال ميچ جاري هئي ته زوردار ڌماڪو ٿي پيو واقعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي کانپوءِ افراتفري ڦهلجي وئي امدادي سرگرميون شروع ڪيون ويون، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو وزيراعظم نواز شريف اورڪزئي ايجنسي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي هن جو چوڻ آهي ته صوبائي حڪومتون دهشتگردي جي اطلاع هيلپ لائن نمبر 1717 جا پوسٽر لڳرائين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *