لنڊن ۾ ويٺل هڪ شخص پاڪستان خلاف سازش ڪري رهيو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته لنڊن ۾ ويٺل هڪ شخص پاڪستان جي خلاف سازش ڪري رهيو آهي عمران خان کي ڌمڪي وارو مليل خط اهو ناهي جيڪو اڄڪلهه ڪجهه صحافي ڏيکاري رهيا آهن عمران خان هڪ جنگ عالمي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف به وڙهي رهيو آهي پاڪستان ۾ مستحڪم پارليماني نظام جي فيصلي جي ضرورت آهي عدم اعتماد تي ووٽ وجهندڙن کي 10 لک ماڻهن مان لنگهي وڃڻو پوندو جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته منڊيون ايئن ئي هلنديونر هنديون سنڌ هائوس ۾ ضمير خريد ڪرڻ جي منڊي لڳل آهي اميد اهي ته جيڪي ميمبر وڪامي ويا سپريم ڪورٽ انهن کي نااهل ڪرڻ بابت فيصلو ڏيندي سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي صدر جي دائر ڪيل ريفرنس جي ٻڌڻي جاري آهي اٽارني جنرل پنهنجا دليل ڏئي رهيو آهي هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪامياب جلسي تي پاڪستان جي عوام جو ٿورائتو آهيان گلگت بلتستان کان وٺي ڪراچي تائين ڪوئيٽا ۽ چاغي جي جبلن کان وٺي لاهور تائين ۽ لاهور کان اسلام آباد تائين جنهن نموني سان عوام عمران خان جي قيادت تي لبيڪ چيو ته عظيم اجتماع ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي وفاقي وزير چيو ته وڏي انگ ۾ ماڻهو هتي پهتا. ۽ عظيم اجتماع ڪيو جيڪو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو اجتماع هو وفاقي وزير چيو ته اوهان جي قدمن جي آواز سان اسلام آباد جا در دريون ڀتيون ڌڏي ويون پهريان چيو هو ته بي اعتمادي رٿ آڻيندڙن کي 10 لک ماڻهن مان لنگهي وڃڻو هوندو ڪالهه جي جلسي کان پوءِ ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته انهن ماڻهن کي عمران خان تائين 20 ڪروڙ ماڻهن مان لنگهي وڃڻو پوندو چوڌري فواد چيو ته عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ عالمي سازش جو حصو آهي مقامي سياسي پليئر جن جو مک مي فيئرز اپارٽمينٽ ۾ ويٺو آهي ان عالمي سازش جو حصو بڻجندي پاڪستان جي خلاف سازش ڪئي آهي هن چيو ته مولانا فضل الرحمان، آصف علي زرداري ۽ شهبازشريف جهڙا بيوقوف پاڪستان کي مستقل غلامي ۾ ڏيڻ جو پلان تيار ڪري رهيا آهن هن چيو ته هي اهي پتليون آهن جن جون ڪڙيون لنڊن ۾ ويٺل شخص جي هٿ ۾ آهن هي شخص عالمي اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي پاڪستان جي خلاف سازش ۾ ملوث آهي هن چيو ته وزيراعظم جلسي ۾ ان عالمي سازش جو شروعاتي حصو عوام جي سامهون رکيو آهي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ هن عالمي سازش جا ٻيا ورق به عوام جي سامهون رکيا ويندا وفاقي وزير چيو ته هي سازش عمران خان جي خلاف پر پاڪستان جي عوام جي خلاف آهي پاڪستان جي عوام کي غلام بنائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي هن چيو ته 1930 ۽ 1940 ۾ قائداعظم عالمي طاقت جي خلاف جنگ جوٽي ان جي پردي پٺيان هتي هندستان ۾ ويٺا هئا هنچ يو ته عمران خان به ٻه رخي ويڙهه وڙهي رهيو آهي هو مقامي اسٽيبلشمينت ۽ انٽرنيشنل اسٽيبلشمينٽ جي پاڪستان جي خلاف سازش بي نقاب ڪري رهيو آهي سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل آهي ان تي ڪجهه عرصو لڳندو چوڌري فواد چيو ته اٽارني جنرل عدالت ۾ هي معاملو رکيو آهي ته پاڪستان پارليماني نظام حڪومت وارو ملڪ آهي سياسي پارٽيون هن نظام جو لازمي جز آهن هن نظام ۾ پارٽي ڊسيپلين جي حيثيت آهي پارٽي فيصلن کي پٺي ڏيڻ جي اجازت ڏني وئي ته اهڙي طرح منڊيون لڳنديون رهنديون هن چيو ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح انلا3 ضروري آهي ته پاڪستان ۾ مستحڪم پارلياماني لاءِ تاحيات نااهلي کڻي اچڻي پوندي ان ۾ سزائون رکڻيون پونديون ته جيئن ماڻهن جي خريد ۽ وڪرو ختم ٿي سگهي وفاقي وزير چيو ته عمران خان ۽ پي ٽي آئي جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ميمبرن کي خريد ڪيو ويو کين سنڌ هائوس ۾ رکيو ويو چوڌري فواد چيو ته جن ماڻهن ايڏي وڏي لالچ کي لت هڻي ڇڏي ۽ عمران خان سان گڏ بيٺا رهيا کين سلام پيش ڪريان ٿو هن چيو ته اميد آهي ته سپريم ڪورٽ هن ريفرنس ۾ فلور ڪراسنگ ۾ ملوث ميمبرن لاءِ تاحيات نااهلي آڻيندي هن چيو ته هي ماڻهو ووٽ ته ڪاسٽ ڪري سگهندا پر ان کي ڳڻيو نه ويندو وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته گذريل ڏينهن عوام ضمير فروشي جي خلاف فيصلو ٻڌائي ڇڏيو پڇا ڪئي پئي وڃي ته سرپرائز ڇا آهي هڪ موجوده وزيراعطم عوام کي اعتماد ۾ وٺي عالمي سازش بابت ٻڌايو هاڻي راند اوهان جي سامهون آهي حماد اظهر چيو ته اٽارني جنرل ٻڌايو ته هڪ پارٽي جي آفيشلي دياٽي آهي ميمبرز طرف ۽ ميمبرز جي پنهنجي پارٽي طرف هي سازش عمران خان جي خلاف ناهي عالمي اسٽيبلشمينٽ جي سازش آهي ملڪ لاءِ، عوام ڪنهن مقصد لاءِ ڪنهن ليڊرل لاءِ ناهي نڪتو صحافي سوال ڪيو ته ڇا خط کي ڏسڻ کان پوءِ عسڪري قيادت اڻ ڌري رهندي فواد چوڌري جواب ڏنو ته هي جيڪي ڪجهه صحافي خط کڻي گهمي رهيا آهن انهن کي چوان ٿو ته هنگ جرنلسٽ کان ٽريننگ وٺو ته خبر جي تصديق ڪيئن ڪئي وڃي ٿي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان جي فوج پاڪستان جي اتحاد خودمختياري ۽ بقا جي ضامن آهي هن چيو ته پهريون موقعو نه آهي جو فوج تي زهر اڳاڇيو ويو هجي تاريخ ۾ مسلم ليگ (ن) ادارن جي خلاف سازش ڪندي رهي آهي شاهزين بگٽي جو پتو نه آهي ڪهڙا ترقياتي فنڊ گهري رهيو هو. صحافي سوال ڪيو ته گذريل ڏينهن خانصاحب جلسي ۾ اعلان ڪري ٿو ته اتحادين وٽ نه وينداسين ۽ پوءِ ملاقاتون ٿي رهيون آهن فواد چوڌري چيو ته سياست ۾ ڪڏهن رابطا ختم ناهن ٿيندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *