لنڊن ۾ برطانوي گهرو وزارت جو اجلاس، عمران فاروق قتل ڪيس جا اهم ڪاغذ برطانوي حڪومت حوالي

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) لنڊن ۾ برطانوي گهرو وزارت جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي  اڳوڻي سيڪريٽري جنرل عمران فاروق قتل ڪيس جا اهم ڪاغذ برطانوي حڪومت حوالي ڪيا ويا. اهي اهم ڪاغذات اسلام آباد ۾ مقرر برطانوي هائي ڪمشنر سر فلپ مارٽن پيش ڪيا. برطانوي گهرو وزير اجلاس کي ٻڌايو ته اهم ڪاغذن جو جائزو ورتو پيو وڃي. گهرو وزير ٿريسامي اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين اپريل تائين مني لانڊرنگ ڪيس ۾ضمانت تي آهي. گهرو وزير ٿريسامي اجلاس ۾ واضح ڪيو ته برطانيا ڪنهن کي به تاءُ پکيڙڻ جي اجازت ڏئي نٿو سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *