لنڊن پلان حقيقت آهي، نئون نه قائداعظم جو پاڪستان گهرجي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيداحمد شاهه چيو آهي ته اسان کي ڪوئي نئون نه پر قائداعظم جو پاڪستان گهرجي لنڊن پلان حقيقت آهي جمهوريت ۾ هڪٻئي جي مينڊيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي سنڌين جي آزادي جي ڳالهه ڪندڙ عمران خان پهريان خيبرپختونخواهه جي عوام کي آزاد ڪرائي پيپلزپارٽي 30 نومبر تي يوم تاسيس جي موقعي تي پنهنجي مستقبل جي لائحه عمل جو اعلان ڪندي سنڌ گهڻو پراڻو صوبو آهي ڪوئي ورهاڱو نه ٿيڻ ڏيندو مستقبل ۾ ڪنهن جي به حڪومت اچي بجلي 30 سيڪڙو مهانگي ٿيندي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته جمهوريت ۾ اسان کي هڪٻئي جي مينڊيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي عمران خان نظام جي الهه ته ڪري ٿو جڏهن ته کيس گهرجي ته نظام کي هلڻ به ڏي هو بس هڪ خواب ڏيکاري رهيو آهي جنهن جي حقيقت ڪجهه به نه آهي گذريل 60 ڏينهن کان هڪ ئي تقرير مسلسل ورجائي پئي وڃي عمران خان سنڌين کي آزاد ڪرائڻ جي جيڪا ڳالهه ڪري رهيو آهي هو پهريان خيبرپختونخواهه جي عوام کي ته آزاد ڪرائي پوءِ سنڌين کي آزاد ڪرائڻ جي ڳالهه ڪري ڇو ته سنڌي ته پهريان ئي آزاد آهن عمران خان کي گهرجي ته ٻين تي تنقيد کان اڳ هو خيبرپختونخواهه جي ڪارڪردگي ٻڌائي. ايم ڪيو ايم سان ڇڪتاڻ جي حوالي سان سيد خورشيد شاهه چيو ته مان مهاجر لفظ کي گار ناهي ڏني ان جي باوجود جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي ته ان تي مان معافي وٺي چڪو آهيان هاڻي مان هر هر معافي نٿو وٺي سگهان ڪراچي جي تازي جلسي جي حوالي سان هن چيو ته جلسو تاريخي هو ۽ ڪامياب ثابت ٿيو. ماڻهو ڀٽو خاندان سان اڄ به محبت ڪن ٿا مون کي بلاول ڀٽو جي پنهنجي ماءُ شهيد جي رهيل سفر کي ٻيهر شروع ڪرڻ تي خوشي ٿي ۽ مان پاڻ بلاول کي اسٽيج تي بيٺي ڏٺو ته بي بي شهيد يا اچي ويئي ۽ اکين مان لڙڪ ڪري پيا پاڪستان پيپلزپارٽي جو ورڪرز پنهنجي پارٽي کان ناراض ضرور آهي جڏهن ته هو اسان کي ڪڏهن به ڇڏي نٿو سگهي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ڪردار تاريخ جو حصو بڻجي چڪو آهي جنهن هڪ جمهوري نظام ٻي جمهوري حڪومت جي حوالي ڪيو سنڌ جي ورهاڱي ۽ نون صوبن جي حوالي سان هن چيو ته سنڌ هڪ پراڻو صوبو آهي جنهن کي ڪوئي به ورهائڻ نه ڏيندو اسان کي سڀ کان اڳ علائقي جي تعمير ۽ ترقي بابت سوچڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ ۾ پن بجلي جا منصوبا شروع ڪرڻ کان سواءِ بجلي سستي نٿي ٿي سگهي هن چيو ته آئينده مستقبل ۾ ڪنهن جي به حڪومت اچي بجلي 30 سيڪڙو مهانگي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *