لاھور ۾ سنڌ جي زمين تي والار خلاف احتجاج، سنڌ حڪومت ۽ ملڪ رياض خلاف نعرا

لاهور (اين اين آءِ) بحريه ٽائون پاران ڪراچي ۾ پراڻن سنڌي ڳوٺن کي ڊاهي زمينن تي ناجائز والار ڪرڻ ۽ مجموعي طور سنڌ جي وسيلن تي ٿيندڙ قبضي توڙي سنڌ جي قومي ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف لاهور جي ترقي پسند ماڻهن جي تنظيم حقوق خلق موومينٽ ۽ پروگريسو اسٽوڊنٽ ڪليڪٽو پاران پريس ڪلب لاهور اڳيان ريلي ڪڍي سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪري سنڌين ۽ پنجابي ٻولين ۾ بحريه ٽائون جي والار خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي لاهور جي ٻين ڪيترين ئي سياسي ۽ سماجي تنظيمن سميت لاهور ۾ رهندڙ سنڌين پاران ان احتجاج ۾ شرڪت ڪئي وئي. مظاهري ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي هڪ اعليٰ سطحي وفد سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي نائب صدر جڳديش آهوجا جي اڳواڻيءَ ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي حقوق خلق موومينٽ جي صدر فاروق طارق جو چوڻ هيو ته سنڌ جي وسيلن جي والار تي پنجاب جو عوام به خوش ناهي، بحريه ٽائون سنڌ جي قديمي ڳوٺن کي ڊاهي جيڪا والار ڪئي آهي اها ڪنهن به صورت قبوليت جوڳي ڳالھ ناهي. ڇاڪاڻ جو جيسيتائين قابض قوتون عوام جو استحصال ڪنديون رهنديون هن ملڪ جو عوام اصلي آزادي جو مزو ماڻي نه سگهندو. هن چيو ته پنجاب جو ترقي پسند عوام سمجهي ٿو ته سنڌ جي وسيلن تي صرف سنڌي عوام جو حق آهي، ان حق تي ڪنهن جو به قبضو قبول نه ڪيو ويندو. اسان سنڌي عوام جي ڏک سک ۾ انهن سان گڏ آهيون. ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر جڳديش آهوجا چيو ته سنڌ جو عوام پنجاب جي ترقي پسند عوام جو شڪرگذار آهي، اڄ لاهور ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن جي حق ۾ پنجاب جي عوام جي آواز اسان جون دليون کٽي ورتيون آهن. سنڌ ۽ پنجاب جو عوام جو پنهنجي حقن لاءِ هڪٻئي کي پنھنجو سهڪاري بڻائيندو ته مستقبل ۾ ٻنهي قوميتن ۾ ويجهڙائپ جو سلسلو شروع ٿيندو. ان موقعي تي ٻين تقريرون ڪندڙن چيو ته پاڪستان جون سڀ قوميتون پنهنجي صوبن اندر خودمختيار آهن انهن جي حقن تي طاقتور ڌرين پاران ٿيندڙ قبضن خلاف گڏيل طور احتجاج ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *