لاگرز ليڊرن عوام کي مايوس ڪيو، ميان صاحب آمر سان ڊيل ڪري ملڪ ڇڏي ويو هو: پ پ

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته عوام لاگرز ليڊرن جي رويي مان مايوس ٿي پ پ ۾ شامل ٿي رهيو آهي، وفاق جون پاليسيون ملڪ کي دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي، پ پ ميڊيا سيل سنڌ ۾ هڪ وڏي ميڙ کي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن جو پ پ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪيو، هن چيو ته سنڌ جي عوام گهوٽڪي جي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته اهو بلاول ڀٽو جي قيادت تي يقي رکي ٿو ۽ ان جي قيادت فخر آهي، هن چيو ته لاگرز ليڊرن جي رويي عوام کي مايوس ڪيو آهي، نواز شريف سزا ٻڌي هڪ آمر سان ڊيل ڪري ته مان سياست ۾ 10 سالن تائين نه ايندس ۽ ٻاهر هليو ويو، هن چيو ته اڄ جي نئين ليڊر ڪارڪنن کي پوليس هٿان مار ۽ گرفتار ٿيندي ڏسي گهر مان ٻاهر نڪرڻ بدران پريس ڪانفرنس ڪندو رهيو، هن چيو ته ليڊر اهو هوندو آهي جيڪو عوام لاءِ پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪري،  پ پ ۽ ان جي ليڊرن قربانين جا لازوال مثال قائم ڪيا آهن، بلاول ڀٽو اڄ ادارن ۽ جمهوريت کي ڪمزور ڪندڙن کي للڪاري رهيو آهي، پ پ هميشه عوام جو ساٿ ڏنو ۽ ڪڏهن به عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو، هن چيو ته وزيراعظم تي اٿيندڙ سوال به سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي اڪيلو ڪيو آهي، واضح رهي ته پ پ ۾ شموليت ڪندڙ نعيم شيخ 2013 جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي اين اي 254 مان حصو ورتو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *