لاڪ ڊائون جي حوالي سان پاليسي واضح هئي، ماڪڙ ملڪ لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي: عمران خان

اسلام آباد  (اين اين آءِ) وزيراعظم عمرن خان واضح ڪيو ته اپوزيشن سان ڪائي دشمني نه آهي نه بدلو وٺڻ چاهيان ٿو جيڪڏهن احتساب نه ٿيندو ته هي بنانا ري پبلڪ بڻجي ويندو حڪمران جيستائين جوابده ناهن هوندا ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. امير پئسا ٻاهر کڻي وڃڻ ٿا مون تي لنڊن فليٽس جو الزام لڳو مان 40-40 سال پراڻا حساب ڏنا نيب اسان ته ناهي ٺاهي مون کي روز گاريون ڏنيون وڃن ٿيون مان چاهيان ٿو ته پارليمينٽ هلي، ڪرونا وائرس بابت فيصلن ۾ حڪومت ۾ ڪوئي ڪنفيوزن نه آهي 13 مارچ کان اڄ تائين منهنجي ڪنهن بيان ۾ فرق نه آهي ڪرونا جي معاملي تي لاڪ ڊائون جا فيصلا مرڪزي سطح تي ٿيڻ گهرجن ها ٻاهرين دنيا کي ڏسندي صوبن لاڪ ڊائون ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اسان ڪا گڏيل پاليسي نه ٺاهي سگهياسين ايندڙ مرحلو وڏو ڏکيو آهي ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو هاڻي به احتياط نه ڪيو ته اسان به اسپتالن تي دٻاءُ وڌيڪ وڌي ويندو ۽ اسان مشڪل ۾ پئجي وينداسين ماڪڙ پاڪستان لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي ان تي ڪنٽرول لاءِ قدم کنيا پيا وڃن کوڙ ساريون شيون اسان جي هٿن ۾ نه آهي آفريڪا مان غير معمولي ولر اچي رهيا آهن ايران ۽ ڀارت مان به ماڪڙ جو خطرو آهي سڄي قوم گڏجي ان جو مقابلو ڪندي اسان ڪرونا جي پويان نه پيا لڪون اسان کي بيمار معيشت ملي 30 هزار ارب رپيا قرض ۾ ملڪ مليو جيڪي پئسا گڏ ڪيا اڌ قرضن ۾ هليا ويندا ٻين ملڪن کان پئسا گهرندي شرم ٿو ٿئي وزيراعظم پيءُ وانگر هوندو آهي مان به واشنگٽن ويس منهنجو خرچ، نوازشريف ۽ آصف زرداري جي خرچن سان ڀيٽ ڪريو پاڪستان ۾ ترقي جي حوالي سان هڪ جهڙي پاليسي ٺاهينداسين فاٽا کي پوري ايلوڪيشن ۽ بلوچستان کي رڪارڊ فنڊ ڏينداسين چئني صوبن واعدو ڪيو هو ته اين ايف سي ايوارڊ مان فاتا کي حصو ڏينداسين فاٽا کي هندستان  ٽارگيٽ ڪري رهيو آهي تنهنڪري صوبا ڌيان ڏين ملڪ ۾انگلش ميڊيم، اردو ميڊيم ۽ ديني مدرسن جو ڌار ڌار نظام آهي مارچ 2021 ۾ سڄي پاڪستان ۾ هڪ جهڙو نصاب لاڳو ٿيندو اسان جي حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي پرڏيهي پاليسي آهي اڄ اسان ڪنهن جي جنگ نه پيا وڙهون اسان سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ صلح جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون ڪشمير جو مسئلو حل ٿي وڃي ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ کور سارا موقعا آهن خميس تي قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي عمران خان چيو تهماڪڙ تي 31 جنوري کان ايمرجنسي لڳل آهي. هي وڏو ٿريٽ آهي سڄي قوم هن جو گڏجي مقابلو ڪندي هن چيو ته ماڪڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي رهيا آهن ماڪڙ جو هڪ وڏو جٿو آفريڪا مان اچي رهيو آهي الله کان دعا آهي ته اسان جي ملڪ تي رحم ڪري سڄي قوم ان جو مقابلو ڪندي. وزيراعظم چيو ته اڄ ڪوئي اهو نٿو چئي سگهي ته ڪيستائين ڪرونا هلندو اسان کي جيڪا معيشت ملي هئي اها هي هئي 20 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هو دنيا ڏسي ٿي ته ڪهڙي ملڪ مان ڊالر وڃي رهيو آهي يا اچي رهيو آهي اسان کي بيمار معيشت ملي اسان جي امپورت 60 ارب ڊالر ائين هئي مهانگائي ڪيئن نه ٿئي ها ڊالر 104 تي هو اسان کي 122 تي مليو جڏهن ايڊجسٽمينٽ ٿي ته هڪ ڀيرو مهانگائي ته اچڻي هئي 2013 ۾ 16 هزار ارب هو اسان کي حڪومت ملي ته 30 هزار ارب رپيا قرض ۾ ملڪ مليو جيڪو ٽيڪس گڏ ڪيو اهو اڌ قرضن ۾ هليو ويو وزيراعظم چيو ته اڄ تائين ڪوئي معاشرو قانون جي بالادستي کان سواءِ ناهي وڌي سگهيو حضرت علي جن يهودي کان ڪيس هارائي وڃن ٿا حضرت عمر کان قميض جو سوال ٿي سگهي ٿو حڪمران جيستائين جوابده نه ٿيندا ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي هڪ هزار ارب رپيا غريب ملڪن مان ٻاهر وڃي ٿو امير طبقو پئسا ٻاهر کني وڃي ٿو جڏهن کان آيو آهيان ڪنهن سان منهنجي ڪابه دشمني نه اهي جڏهن تقرير ڪرڻ اچان ٿو ته گهوڙ ڪيو وڃي ٿو وزراعظم چيو ته جيستائين صحيح احتساب نه ڪيو ته غريبن کي تعليم صحت ڪيئن ڏيئي سگهون ٿا وزراعظم چيو ته رڪوڊڪ ڪرپشن جيڪري مسئلو بڻيو ڪارڪي پلانٽ کي ترت صدر بچايو مون مٿان لنڊن فليٽس جو الزام لڳو مان 40-40 سال پراڻا حساب ڏنا مان ڪنهن کي چيو منهنجي خلاف سياسي انتقام ورتو پيو وڃي هلال جي ڪمائي جو پئسو ٻاهران آندو ان جو جواب ڏنو ليڊر کي جواب ڏيڻو پوي ٿو هن چيو ته آمريڪا جي رپورٽ مطابق هر سال 10 ارب ڊالر ٻاهر وڃي ٿو 6 ارب ڊالر قرضن لاءِ وڃن ٿا هن چيو ته کنڊ انڪوائري ڪرائي، کنڊ تحقيق دوران خبر پئي ته کنڊ جي قيمت خود شوگر ملز طئي ڪن ٿيون 29 ارب رپين جي سبسڊي ورتي 9 ارب جو ٽيڪس ڏنو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن هتي احتساب نه ٿيندو ته هي بنانا ريپبلڪ بڻجي ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *