لاڙڪاڻي ۾ ڊي ايس پي پنهنجي پُٽ کي تشدد ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو ، ڪراچي فرار ٿيڻ جي ڪوشش، گرفتار

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ڊي ايس پي پنهنجي پُٽ کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس کيس ڪراچي فرار ٿيندي سوگهو ڪري ورتو. ريشم گهٽيءَ جي رهواسي پوليس آفيسر الهڏنو سانگي پُٽ ذوالقرنين حيدر سانگي کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. اطلاع تي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس پهتي ۽ لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار ڊي ايس پي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڊي ايس پي الهڏنو سانگي پُٽ کي قتل ڪرڻ بعد ڪراچي فرار ٿي رهيو هو، کيس نصير آباد ڀرسان گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڊي ايس پي الهڏنو سانگي پُٽ کي وحشياڻو تشدد ڪري قتل ڪيو آهي. سندس نوجوان پُٽ ڏهين جماعت ۾ پڙهندو هو. واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جاچ ڪئي پئي وڃي. گرفتاري بعد صحافين سان مختصر ڳالهائيندي ڊي ايس پي الهڏنو سانگي پٽ کي قتل ڪرڻ وارا الزام رد ڪندي چيو ته ذوالقرنين نافرمان هو، رات جي وقت کيس مارڪٽ ڪئي، جنهن کانپوءِ ذوالقرنين ڀت ۾ پنهنجو مٿو هڻي پاڻ کي ماريو آهي. مون کيس قتل ناهي ڪيو. هن چيو ته پوسٽ مارٽم بعد سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *