لاڙڪاڻي ۾ پ پ جو ٽريڪٽر مارچ، پي ٽي آءِ جي راند ختم ٿي وئي: مراد علي شاھھ

لاڙڪاڻو (م.ڊ) لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي طرفان ٽرئڪٽر ٽرالي مارچ ڪڍيو ويو، وڏي انگ ۾ ماڻھو ٽرئڪٽر ٽرالين تي سوال ٿي مارچ ۾ شريڪ ٿيا، وڏو وزير بھ پھتو، سنڌ جي وڏي وزير ٽرئڪٽر ٽرالي مارچ کي خطاب ڪندي چيو تھ سنڌ 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿي ۽ گئس مان ئي ڀاڻ ٺهي ٿو، ڀاڻ تي سڀ کان پهرين حق سنڌ جي آبادگار جو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي راند هاڻي ختم ٿي وئي، حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جا ڏينهن ويجهو اچي ويا آهن، عوام پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏئي ته نااهل حڪومت مان جان ڇڏائينداسين، پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ هر سال نئون بحران پيدا ٿي رهيو آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *