لاڙڪاڻي ڀرسان پيءُ اڳيان زال کي مڙس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو (بيورو) پيڪن ڏانهن وڃڻ جي موڪل ڇو گهرئي؟ لاڙڪاڻي ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ ميهڙ ڪلهوڙو ۾ بي رحم مڙس پنهنجي اڳ ڄائي پٽ سان گڏجي زال کي سندس پيءُ اڳيان بي درديءَ سان گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي. خبر موجب لاڙڪاڻي ڀرسان ويهڙ ٿاڻي جي حد جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ ميهڙ ڪلهوڙو ۾ جوابدار انور ڪلهوڙو پنهنجي زال ٽن ٻارن جي ماءُ رڪيه خاتون کي گوليون هڻي فرار ٿي ويو آهي. ويهڙ ٿاڻي جي پوليس جاءِ واردات تي پهچي عورت جو لاش کڻائي چانڊڪا سول اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي عورت جو پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش کي مقتولا عورت جا وارث نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ مٺي ڪلهوڙا ڏانهن کڻائي ويا. ان سلسلي ۾ اسپتال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مقتولا عورت جي پيءُ صدر الدين ڪلهوڙو ٻڌايو ته اسان نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ مٺي ڪلهوڙا جا رهواسي آهيون ۽ مان پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏجي پنهجي ڌيءُ سان ملڻ ڳوٺ ميهڙ ڪلهوڙو وياسين جتي منهنجي ناٺيءَ دعوت ڪئي هئي. منهنجي ڌيءُ رڪيه خاتون پنهنجي مڙس انور ڪلهوڙو کان اسان سان گڏ هلڻ جي موڪل گهري جنهن تان هن انڪار ڪري ڇڏيو ۽ گهران نڪري ويو، بعد ۾ پنهنجي اڳ ڄائي پٽ نظام ڪلهوڙو سان گڏجي گهر ۾ داخل ٿي منهنجي ڌيءُ کي منهنجي ئي اڳيان رپيٽر جا فائر ڪري بي درديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ فرار ٿي ويو. هن چيوته منهنجي ڌيءُ کي موڪل گهرڻ جي معمولي ڳالهه تي منهنجي ناٺيءَ بي گناهه قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي. هوڏانهن اهڙي واقعي جي ايف آءِ آر مقتولا عورت جي پيءُ صدرالدين ڪلهوڙو جي فرياد تي ويهڙ ٿاڻي تي جوابدار انور ڪلهوڙو، ان جي اڳ ڄائي پٽ نظام ڪلهوڙو ۽ ٻين مٿان داخل ڪئي وئي آهي. آخري اطلائن تائين جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي. رابطو ڪرڻ تي ويهڙ ٿاڻي جي ايس ايڇ او علي حسين ابڙو صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار انور ڪلهوڙو پنهنجي زال کي پيڪن ڏانهن وڃڻ جي موڪل گهرڻ واري معمولي ڳالهه تي قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي. جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس ڪوششون ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *