لاڙڪاڻي ويجهو ڪارنهن الزام تحت سالي هٿان ڀيڻو قتل، پلاند ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ، 2 عورتون زخمي

لاڙڪاڻو(بيورو) لاڙڪاڻي ويجهو هڪ شخص پنهنجي ڀيڻوي کي ڪارهن جي الزام ۾ قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته پلاند ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون آهن. تفصيل مطابق ڪچي واري علائقي جي ٿاڻي هٽڙي غلام شاهه جي حد ڳوٺ موسيٰ خان جتوئي ۾ ڪارنهن جي معاملي تان يونس جتوئيءَ فائرنگ ڪري پنهنجي ڀيڻيوي ڇتل جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو. فائرنگ ۾ جوابدار جي ڀيڻ ۽ مقتول جي گهر واري مسمات زڪيه جتوئي پڻ زخمي ٿي پيون آهن، جڏهن ته ساڳي جوابدار  ڪارنهن جي الزام هيٺ پنهنجي ٻي ڀيڻ سوڀيا کي به قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا معجزاڻي طور بچي وئي. واقعي کان پوءِ پوليس بروقت نه پهچڻ ڪري مارجي ويل ڇتل جتوئي واري ڌر جي هٿياربندن پلاند ۾ يونس جتوئي جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي. ٻنهي ڌرين ۾ پنجن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ فارئنگ ۾ پنهنجي ڀيڻيوي کي قتل ڪندڙ يونس جتوئي ۽ سندس والد سراج جتوئي به گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويا. فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءَ پکڙجي ويو. هڪ ڌر جي هٿياربندن مقتول سراج جتوئي جي گهر کي به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. مارجي ويلن جا لاش پنج ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا. جڏهن ته زخمي ٿيل ناري زڪيه کي ڪجهه وارث عورتن کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ پهچايو، جتي سندس علاج هلندڙ آهي. هوڏانهن ايس ايس پي ڪامران نواز جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس بڪتر بند گاڏيون ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ تي پنجن ڪلاڪن کانپوءِ پهتي، جتي پوليس اهلڪارن علائقي جو ڪڙو چاڙهيو پر ان کان اڳ ٻنهي ڌرين جا هٿياربند فرار ٿي چڪا هئا. رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪامران نواز ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ مٽي مائٽي ٿيل آهي ۽ ڪارنهن جي معاملي تان پيش آيل واقعي ۾ ٽي ڄڻا ڇتل جتوئي يونس جتوئي ۽ سندس والد سراج جتوئي قتل ٿيا آهن، ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته ڌرين جي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ وڌيڪ جهيڙي کي روڪڻ لاءِ علائقي ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين جا ماڻهو قتل ٿيا آهن. انڪري ٻنهي ڌرين کان ايف آءِ آر ورتي ويندي ۽ ان کان پوءِ ڄاڻايل جوابدارن خلاف وڌيڪ قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪارنهن الزام هيٺ آيل ناري سوڀيه کي پنهنجي حفاظتي تحويل ۾ ورتو آهي، جيڪا مقتولي يونس جتوئي جي ڀيڻ ۽ ٻئي مقتول سراج جتوئي جي ڌيءَ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *