لاڙڪاڻي ويجهو موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي

لاڙڪاڻو(بيورو) لاڙڪاڻي ڀرسان ماهوٽا باءِ پاس وٽ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب موٽر سائيڪل سوار 27 سالن جو نبي بخش شاهه ولد پريل شاهه دماغ ۽ منهن ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪوڙل کوکر سخت زخميٿي پيو. جنهن کي حد جي ماهوٽا ٿاڻي جي پوليس چانڊڪا اسپتال جي حادثات واري شعبي ۾ داخل ڪرايو ۽ فوت  ٿي ويل نبي بخش شاهه جي لاش کي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد پوليس واثن حوالي ڪيو. ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب مقتول نبي بخش شاهه جو تعلق خير پور ضلعي جي تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ حاجي سومر شاهه سان ٻڌايو ويو آهي، جيڪو نئون ديرو مان موٽر سائيڪل تي پنهنجي دوست ڪوڙل کوکر سان گڏ واپس اچي رهيو هو ته ماهوٽا باءِ پاس وٽ روڊ تي سندس جي موٽر سائيڪل اڳيان اوچتو ٻارڙي جي سامهون اچڻ تي تڪڙي بريڪ لڳائڻ سبب موٽر سائيڪل سلپ ٿي پئي، جنهن سبب اهڙو واقعو پيش آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *