لاڙڪاڻي جو پاڻي گندو آهي ته سرگوڌا جو به ٺيڪ ناهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اعليٰ هائوس ۾ سپريم ڪورٽ جي هدايت جي روشنيءَ ۾ سنڌ اندر صاف پاڻيءَ مهيا ڪرڻ لاءِ اهم اجلاس گهرايو ويو، جنهن ۾ ڪراچيءَ سميت سڄي صوبي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ صنعتي پاڻيءَ جي ٽريٽمنٽ وارن مامرن تي غور ويچا ڪيو ويو . اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، ڄام خان شورو، فياض ٻٽ، محمد علي ملڪاڻي، چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، چيئرمين رٿابندي ۽ ترقي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهو، سيڪريٽري آبپاشي سيد جمال شاهه، سيڪريٽري بلديات، ايم ڊي واٽر بورڊ، وائس چانسلر ڪراچي يونيورسٽي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي وارو سيڪريٽري ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شريڪ هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اجلاس جو مقصد سپريم ڪورٽ جي حڪن تحت صاف پاڻي کي پهچائڻ، ميونسپل جي گندي پاڻي کي ڪينالن ۾ نه وهائڻ، ڪي فور ۽ ايس ٿري جي منصوبن جي تڪميل وارو مدو مقرر ڪرڻ آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ اسانجي مدد ڪري رهي آهي اسانکي انهن مسئلن کي سنجيدگي، سچائي ۽ پنهنجو ڪم سمجهي صاف پاڻي عوام کي مهيا ڪرڻ آهي ۽ گندي پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ آهي. وڏي وزير لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڏيندي چيو ته لاڳاپيل آفيسر وزيرن جي نگرانيءَ ۾ بهترين طريقي سان ڪم ڪن. هن چيو ته سمورا ادارا جن تي پاڻيءَ جي فراهمي ۽ نيڪالي جون ذميواريون آهن اهي پنهنجو قبلو درست ڪن. وڏي وزير چيو ته بهتر پاڻي جي فراهمي بابت ايندڙ هفتي ۾ مان هڪ ٻيو اجلاس سڏرائيندس جنهن ۾ سمورا لاڳاپيل آفيسر پنهنجي ڊيٽ لائن ٻڌائيندا. وڏي وزير سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي واضح نياپو ڏيندي چيو ته مان هر ضلعي جو هدف وٺن چاهيان ٿو ۽ هر ضلعو پنهنجو پنهنجو هدف ٻڌائي. هن سختيءَ سان هدايت ڪندي چيو ته صاف پاڻيءَ جي پهچ ۽ گندي پاڻيءَ جي الڳ فراهمي، پاڻيءَ کي صاف ڪري گندي پاڻيءَ کي واهن ۾ وهائڻ، ڪوٽڙيءَ وٽان گندو پاڻي واهن ۾ وهائڻ کي روڪڻ اهڙا ڪم آهن جن ۾ ڪا غفلت برداشت نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته مان ذاتي طور تي سڀني ضلعن جو دورو ڪندس. وڏي وزير چيو ته مون کي صاف پاڻيءَ وارو مسئلو هر صورت حل ڪرڻو آهي، مان پاڪستان نيوي، ڪي پي ٽي، صنعتڪارن سميت سمورن ادارن کان ان مسئلي کي حل لاءِ مدد وٺندس، شهر کي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ وهاست جي نظام کي به پروفيشنل بنيادن تي اپ گريڊ ڪرڻ آهي. هن چيو ته مون کي پاڻيءَ جي ورهاست وارو نظام، بحالي ۽ وڌيڪ علائقن کي نيٽورڪ ۾ آڻڻ لاءِ به ٽائم فريم گهرجي. بلديات واري وزير وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست واري نظام ۾ ڪيترائي مسئلا آهن. وڏي وزير چيو ته جڏهن اسان ورهاست واري نظام کي بحال ڪري رهيا آهيون ته ان کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد طريقي سان بڻايو وڃي ۽ ان ڪم ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي اسان جي مدد ڪن. هن چيو ته علائقي وار پاڻيءَ جي ورهاست واري نظام کي به اپ گريڊ ڪرڻ چاهيان ٿو. هڪ هڪ علائقي، جهڙوڪ گلشن اقبال، يونيورسٽي روڊ، ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ڪم شروع هئڻ گهرجي ۽ مونکي اهو ڪم هنگامي بنيادن تي ڪرڻو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڄام خان شوري کان سوال ڪندي پڇيو ته ان منصوبي تي ڪيتري لاڳت ايندي ۽ ڪيتري عرصي ۾ مڪمل ٿيندو؟ ۽ ان منصوبي بابت مون کي فوري رپورٽ فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ هڪ الڳ انجنيئرنگ يونٽ مقرر ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته ان مسئلي کي پروفيشنل بنيادن تي حل ڪرڻ گهرجي. ڄام خان شوري وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي چيو ته 446 ملين رپيا پاڻيءَ ۾ ڪلورين ملائڻ ۽ ليب جي ساز ۽ سامان لاءِ مختص ڪيا ويا آهن جن تي ڪم شروع ڪيو ويندو. 58 ملين رپيا فلٽر پلانٽن جي بحاليءَ ۽ فزيبلٽي لاءِ 3500 ملين رپيا مختص آهن. 6025 ملين رپيا 65 ايم جي ڊي منصوبي جي ٽرينڊر کولڻ لاءِ مختص آهن جيڪو ٽرينڊر 22 ڊسمبر تي کلندو ۽ اهو منصوبو جون 2020ع ۾ مڪمل ٿيندو. 1620 ملين رپيا 100 ايم جي ڊي منصوبي تي ڪم جي رفتار وڌائڻ لاءِ جاري ڪيا ويا آهن. جنهن تي وڏي وزير چيو ته منهنجو مقصد آهي ته پاڻي گهرن ۾ ايئن پهچي جنهن کي اُٻاري پي سگهجي ۽ اهو ڪم انهيءَ ريت هئڻ گهرجي. وڏي وزير ڪراچي واٽر بورڊ کي هدف ڏيندي چيو ته هڪ هفتي اندر ڪراچي واٽر بورڊ پنهنجي رپورٽ پيش ڪري ته اهي ڪيترو پاڻي شهر کي مهيا ڪندا، فلٽريشن جو معيار ڇا هوندو ۽ پاڻيءَ جي ورهاست ۾ بهتري ڪهڙيءَ ريت ممڪن آهي؟. هن چيو ته جيڪڏهن سمورا ڪم ايندڙ ٻن سالن تائين مڪمل ڪيا ويندا ته ان لاءِ ڪيترو فنڊ گهربل هوندو. وڏي وزير هدايت جاري ڪندي چيو ته سنڌوءَ ديارهه مان ڪراچيءَ جي هر شهريءَ جي گهر تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ (1) وڏي تعداد ۾ پاڻيءَ جي فلٽريشن، (2) هاڻوڪي نظام جي اپ گريڊيشن (3) فلٽر پلانٽ جي اپ گريڊيشن ۽ نوان پلانٽ لڳائڻ (4) ڄاڻايل ڪمن جي تڪميل جو مدو (5) ان تي ڪيتري لاڳت ايندي. اها رپورٽ مون کي هفتي اندر گهرجي. هن چيو ته واٽر بورڊ سان گڏجي اين اي ڊي يونيورسٽي سهڪار ڪندي ۽ پاڪستان نيوي کي درخواست ڪئي ويندي ته اهي به ان ڪم ۾ مدد ڪن. واٽر بورڊ اجلاس کي آگاهي ڏيندي چيو ته 500 ايم جي ڊي نيڪاليءَ جو پاڻي ايندو آهي، اسان وٽ ٽي ٽريٽمنٽ پلانٽ آهن. ٽريٽمنٽ پلانٽ (ون) جي اپ گريڊيشن جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته ٽريٽمنٽ پلانٽ (ٿري) جا ٽي پمپ مرمت ڪيا پيا وڃن جنهن جو ڪم هلندڙ آهي. جنهن تي وڏي وزير چيو ته 700 ايم جي ڊي ايندڙ ٻن سالن ۾ ٽريٽ ٿيڻ گهرجي. ان جي تياريءَ جي رٿابنديءَ بابت مون کي آگاهه ڪيو وڃي. هن سوال ڪندي پڇيو ته اڄ کان پنج هزار سال اڳ موهن جي دڙي ۾ نيڪاليءَ وارو نظام بڻايو ويو هو، پوءِ اڄ ڇو واٽر بورڊ شهر ۾ موثر نيڪالي جي نظام کي بڻائڻ کان قاصر آهي؟. بلديات واري وزير اجلاس کي ٻڌايو ته ايس ٿري تحت هڪ مربوط نظام بڻائي رهيا آهيون. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 33320 ملين رپين جي لاڳت سان آر سي سي انٽر سيپٽر لياري، 22741 ملين رپيا آر سي سي انٽر سيپٽر ملير ندي وارا منصوبا تعمير ڪيا ويندا. ايس ٽي پي (ون) جي اپ گريڊ ٿيڻ سان روزاني 51 ايم جي ڊي کان 100 ايم جي ڊي پاڻيءَ جي ٽريٽمنٽ ٿيندي. ايس ٽي پي (ٿري) جي گنجائش 54 ايم جي ڊي کان وڌائي 180 ايم جي ڊي ٿي ويندي، جڏهن ته ايس ٽي پي (فور) جنهن جي گنجائش 180 ايم جي ڊي هوندي اهو ڪورنگي ۾ تعمير ڪيو ويندو. هن وقت ياسين آباد کان ميرپور تائين گندي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ جي لائن تعمير هيٺ آهي. ياسين آباد منصوبي تي 90 سيڪڙو ڪم ڪيو ويو آهي ۽ جون 2018ع ۾ اهو مڪمل ٿيندو. ٽريٽمنٽ پلانٽ (ون) ۽ ٽريٽمنٽ پلانٽ (ٿري) جي اپ گريڊيشن جون 2018ع تائين مڪمل ٿيندي. وڏي وزير ڪراچي واٽر بورڊ کي هدايت ڏيندي چيو ته مون کي شهر جي نيڪاليءَ واري پاڻي جي نظام تي هڪ جامع ۽ مربوط پلان تيار ڪري ڏيو. مان چاهيان ٿو ته صنعتن جو گندو پاڻي واٽر ٽريٽ ڪري ٻيهر صنعتي مقصدن لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي. جرمنيءَ ۾ صنعتن جو پاڻي ٻيهر استعمال ڪيو ويندو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اهو ڪم هتي ڪري سگهجي ٿو پر اهو تمام مهانگو پوندو. ان تي وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪا سستي ٽيڪنالاجي خريد ڪئي وڃي، اسان پنهنجو پاڻي ڇو ضايع ڪريون؟. اسپتالن جي گند ڪچري کي سائنٽيفڪ ريت ضايع ڪيو وڃي. اسپتالن جي مايع گند به اهم نالن ۾ وهندو آهي جيڪو صحيح نه آهي، ان لاءِ ضروري اپاءِ ورتا وڃن. سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهي اجلاس کي ٻڌايو ته ٻه ٽريٽمنٽ سسٽم ڪراچيءَ لاءِ، هڪ نوابشاهه ۽ هڪ سکر جي اسپتالن لاءِ لڳائڻ وارو منصوبو حتمي مرحلي ۾ آهي. لاڙڪاڻي جي ٽريٽمنٽ پلانٽ تي ڪم هلندڙ آهي. وڏي وزير صحت واري وزير کي هدايت ڪئي ته مون کي انهن مسئلن جي نشاندهي ڪري انهن جو حل بشمول متوقع لاڳت ۽ ٽائم فريم بڻائي، هفتي اندر تفصيل رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ايم ڊي واسا وڏي وزير کي ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ 60 ايم جي ڊي پاڻي دستياب آهي، 30 ايم جي ڊي پاڻيءَ جي فراهمي جو فلٽر پلانٽ ڪنهن حد تائين ڪم ڪري رهيو آهي، ان پلانٽ لاءِ 4 نيون ڪلورين ڀتون لڳائي رهيا آهيون (نيئن ليب تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي). حيدرآباد ۾ ٽي ٽريٽمنٽ پلانٽ آهن، نادرن سيوريج ٽريٽمنٽ پلانٽ 9 ايم جي ڊي، سدرن پلانٽ 7 ايم جي ڊي، ويسٽرين پلانٽ 2.50 ايم جي ڊي آهن، انهن جي ڪل ٽريٽمنٽ جي صلاحيت 18.50 ايم جي ڊي آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته حيدرآباد ۾ مهراڻ يونيورسٽي شهر ۾ پاڻيءَ جي ٽريٽمنٽ، ڊسٽريبيوشن ۽ انڊسٽريل ايفليوئنٽ  جي ٽريٽمنٽ ۾ واسا جي مدد ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *