لاڙڪاڻو: پ پ ايم پي اي جي ضمانت منظور، گرفتاري جو آرڊر نھ ھو پر سرينڊر ڪرڻ جو چيو ويو ھو: برھان چانڊيو

لاڙڪاڻو (م.ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ پ پ پ ايم پي اي برهان خان چانڊيو جي عبوري ضمانت 2 لک روپين جي مچلڪن عيوض 7 مارچ تائين منظور ڪري ورتي آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو مان ضمانت منظور ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ پ ايم پي اي برهان خان چانڊيو چيو ته اڄ عدالت منهنجي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي جنهن کان پوءِ آءُ دادو جي عدالت ۾ وڃي پيش ٿيندس ۽ انشاءَ الله تعاليٰ هن ڪيس کي منهن ڏينداسين. هن چيو ته منهنجي طبيعت صحيح ناهي ان لاءِ منهنجا عدالت ۾ سرٽيفڪيٽ جمع ٿيل آهن ۽ اڄ عدالت ۾ پيش ٿيو آهيان. هن چيو ته عدالت منهنجي گرفتاري جو ڪو آرڊر جاري ناهي ڪيو پر عدالت اهو چيو آهي ته آءُ عدالت ۾ سرينڊر ڪريان ۽ آءُ عدالت وڃي سرينڊر ڪندس. هن چيو ته دادو جي عدالت منهنجي ضمانت رد ڪئي ۽ اڄ هاءِ ڪورٽ منهنجي ضمانت منظور ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته مون مٿان بي بنياد الزام آهن انهن لاءِ ثبوت طور رڪارڊنگ مون وٽ موجود آهي جنهن بابت مون چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي به آگاهه ڪيو آهي. هن چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان هنن ڪيسن کي منهن ڏنو آهي ۽ آئنده به منهن ڏينداسين، اسان مٿان بيگناهه ڪيس ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان سمورن ٻڌڻين تي آيا آهيون ۽ 6 مهينن کان اسان جو ڪيس به هلندڙ آهي پر 6 مهينن کان پاڻ عدالت ۾ نه پيا اچن. ٻئي طرف پ پ ايم پي اي سردار چانڊيوچيو آهي ته ڪوڙن جو ڪو حساب ڪونهي، ام رباب سڄي عمر ڪوڙ هنيا آهن، هو پنهنجي ڪردار کي ڏسن، سندن ابن ڏاڏن ۽ خاندان جو ڪهڙو ڪردار رهيو آهي، لاڙڪاڻي جي عدالت پاران ايم پي اي برهان چانڊيو جي ضمانت منظور ڪرڻ بعد ٻنهي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، سردار چانڊيو وڌيڪ چيو ته ام رباب جي  ڌرڻي ۾ پوليس قالين وڇائي روڊ بلاڪ ڪرايو، هي ڪهڙو قانون آهي، هن چيو ته اسان سڀ حاضرين تي پيش ٿيا آهيون، ڪيس کي منهن ڏيون پيا؛ توهان صحافين کي سڀ خبر آهي تہ ڪهڙيون قوتون ام رباب جي پٺڀرائي ڪن پيون، ان موقعي تي برهان چانڊيو چيو ته عدالت سڳوري منهنجي ضمانت منظور ڪئي آهي، ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿي ڪيس کي منهن ڏينداسين، هن چيو ته ٽرائل ڪورٽ ۾ حاضري واري ڏينهن منهنجي طبيعت ٺيڪ نه هئي، سرٽيفڪيٽ جمع ٿيل آهي، ڪورٽ منهنجي گرفتاري جو ڪو آرڊر نه ڪڍيو هو، صرف ڪورٽ ۾ سرينڊر لاءِ چيو هو، هن چيو ته منهجي مٿان قتل وارو الزم بي بنياد آهي، واقعي واري وقت آءُ پروگرام ۾ بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير کي رسيو ڪيو هو اهي رڪارڊ سڀ چينلز وٽ موجود آهن، ھوڏنھن اُم رباب چانڊيو چيو آهي ته برهان چانڊيو جِي ضمانت منظور ٿيڻ سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان آهي، پوليس برهان چانڊيو کي 2 ڏينهن اندر گرفتار ڪرڻ جو واعدو ڪيو جيڪو پورو نه ٿيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي اُم رباب چانڊيو چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ برهان  چانڊيو جي رڳو عبوري ضمانت منظور ڪئي آهي، کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻو آهي، جاگيردار پوليس کي استعمال ڪري رهيا آهن، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *