لاڙڪاڻو: پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ، وارثن پاران مقابلو جڙتو قرار، لاش رکي احتجاج، ڌرڻو

لاڙڪاڻو/رتوديرو(م.ڊ/رپورٽر) لاڙڪاڻي جي  وليد ٿاڻي جي حد دودائي مائينر وٽ پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب مارجي ويل جوابدار جي قبضي مان ڪلاشنڪوف هٿ ڪئي وئي آهي، مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ غلام فريد پٽ لڌو ڪوش طور ٿي، پوليس موجب جوابدار تي ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل هئالاڙڪاڻو پوليس جي مبينامقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جو لاش رتوديرو_شهدادڪوٽ روڊ تي رکي وارثن جو احتجاج،مارجي ويل 28 ورهين جي غلام فريد ڪوش جي وارثن پوليس مقابلو ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، پوليس گهران گرفتار ڪرڻ بعد 10 لکن جي گهر ڪئي پئسه نه ڏيڻ ٿي ناحق قتل ڪيو آھي، مقتول جو والد لڌو ڪوش، رپورٽ موجب لاڙڪاڻي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڳوٺ باهو ڪوش رهواسي 28 ورهين جي غلام فريد پٽ لڌو خان ڪوش جي وارثن ڳچل پل وٽ لاش رکي ڌرڻو هڻي پوليس خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي، انهي حوالي سان مقتول جي والد لڌو خان ٻڌايو ته منهنجو پٽ پورهيت هو جيڪو مزدوري سانگي لاڙڪاڻي حسيني محلا ۾ پنهنجي ڀيڻ جي گهر ۾ رهيل هو جتي پاڙيسري پوليس اهلڪار ذوهيب جتوئي ڏند چڪ ڏيڻ جي تحصب ۾ گذريل رات پوليس اٽالن گهر تي چڙهائي ڪري منهنجي پٽ غلام فريد ۽ ٽن ڏوهٽن سليمان، علي دوست، علي شير سميت چئن ڄڻن کي کنڀي 10 لک روپين جي گهر ڪئي غريب مسڪين هجڻ پوليس کي پئسه نه ڏيڻ تي پوليس ڪوڙو مقابلو ڄائي قتل ڪري ڇڏيو جيڪو ظلم ذيادتي آھي، وزير اعليٰ سنڌ، آء جي سنڌ، هاء ڪورٽ سنڌ نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪن، ياد رهي ته لاڙڪاڻو پوليس وليد ٿاڻي جي حد مائينر شاخ وٽ ڏوهارين پوليس وچ مقابلي ۾ ڏوهاري غلام فريد ڪوش کي مارڻ جي دعوي ڪئي ۽ ڪرمنل رڪارڊ ظاهر ڪئي جنهن ۾ غلام فريد تي 15 سنگين ڪيس درج ٿيل آھن،

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *