لاڙڪاڻو، سکر ۽ خيرپورجي وڏين اسپتالن ۾ ڪينسر جو علاج نه ٿيڻ جو اعتراف

ڪراچي (م.ڊ) صحت کاتي سنڌ ۾ ڪينسر جي هاڃن بابت ڇرڪائيندڙ انگ اکر جاري ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته سکر، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص ۽ خيرپور جي وڏين اسپتالن ۾ ڪينسر جي علاج جي سهولت ئي نه آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گُٽڪي ۽ مين پُڙي سبب وات جي ڪينسر بابت تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گُٽڪي ۽ مين پُڙي واپرائڻ سبب وات ۾ ڪينسر واري مامري تي ٻڌڻي دوران صحت کاتي جي سيڪريٽري طرفان ڪينسر جي مريضن بابت رپورٽ جمع ڪرائي وئي. جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪراچي کانسواءِ سنڌ جي ٻئي ڪنهن به وڏي توڙي ننڍي شهر ۾ ڪينسر جي علاج جي سهولت ئي موجود نه آهي، ايستائين جو پيپلز پارٽي جي ڳڙهه ۽ شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي ۾ به ڪينسر جي مريضن جو علاج نه ٿيندو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چانڊڪا اسپتال ۾ گذريل سال 489 ڪينسر جا مريض آيا، جن ۾ 5 مريض وات جي ڪينسر وارا هئا، سول اسپتال خيرپور ۾ وات جي ڪينسر جي مريضن لاءِ به ڪا سهولت ميسر نه آهي، اهڙي قسم جي مريضن کي ٻين اسپتالن ڏانهن ريفر ڪيو ويندو آهي. غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي اسپتال ۾ سال 2018ع دوران ڪينسر جو ڪوبه مريض نه آندو ويو. جڏهن ته لاڙڪاڻي جي لِنار اسپتال ۾ گذريل سال ڪينسر جا 2 هزار 88 آندا ويا، جِن ۾ 338 مريض وات جي ڪينسر جا مريض شامل آهن. سيڪريٽري صحت جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته جناح اسپتال ۾ رڳو سال 2018ع دوران 37 هزار 900 ڪينسر جا مريض آندا ويا، جِن مان 22 سئو 13 مريض وات جي ڪينسر وارا هئا. ڪراچي جي بيت السڪون ڪينسر اسپتال ۾ گذريل سال 2 هزار 816 ڪينسر جا مريض آيا، جن مان 231 مريض وات جي ڪينسر ۾ وڪوڙيل هئا، جڏهن ته راحت ڪده اسپتال ۾ گذريل سال وات جي ڪينسر جي 60 مريضن سوڌو 302 مريض آندا ويا. ڪراچي جي المحراب طبي امداد اسپتال ۾ گذريل سال 302 مريض آيا ۽ اُنهن ۾ 110 مريض وات جي ڪينسر وارا هئا. صحت کاتي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نورين اسپتال شهيد بينظير آباد ۾ گذريل سال 1673 ڪينسر جا مريض آندا ويا، جِن ۾ 268 وات جي ڪينسر جا مريض هئا، جڏهن ته نمره اسپتال ڄامشورو ۾ سال 2018ع ۾ 224 وات جي ڪينسر جي مريضن سوڌو 17 سئو 10 ڪينسر جي مريضن کي آندو ويو. اُن کانسواءِ ضياءُ الدين اسپتال ۾ گذريل سال 14 سئو 73 ڪينسر جا مريض آندا ويا، جِن ۾ 352 مريض وات جي ڪينسر جا شامل آهن. صحت کاتي جي رپورٽ موجب آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ گذريل سال 4 هزار 60 مريضن کي آندو ويو، جِن ۾ ڪينسر جا 568 مريض شامل هئا، جڏهن ته ايس آءِ يو ٽي ۾ 18 هزار 36 ڪيس ڪينسر جا آندا ويا. اُن کانسواءِ ايس جي لياري اسپتال ۾ گذريل سال وات جي ڪينسر ۾ مبتلا 138 مريضن سوڌو 114 مريض آندا ويا ۽ لياقت نيشنل اسپتال ۾ 5 هزار 830 مريض گذريل سال آيا، جِن ۾ 72 مريض وات جي ڪينسر ۾ مبتلا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *