لاهور ۾ هڙتال جي نتيجن کان پوءِ پلان سي ڪامياب ٿي ويو: شاهه محمود قريشي

لاهور (م.ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته لاهور ۾ هڙتال جي نتيجن کان پوءِ پلان سي ڪامياب ٿي ويو حڪومت سان اڄ ٿيندڙ نشست ۾ ان جو رويو ڏسنداسين جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن جي رستي ۾ رنڊڪ ۽ هيلن بهانن سان فرار جي ڪوشش ڪئي ويئي ته پوءِ پلان ڊي تي عمل ٿيندو لاهور ٿابت ڪري ڇ ڏيو آهي ته هو عمران خان جي سوچ سان گڏ ۽ تبديلي لاءِ تيار آهي ۽ ان چونڊ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ تياري ڪري ڇڏي آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن اولڊ ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ڪاروبار بند ڪرائڻ لاءِ ڪوئي زور زبردستي ناهي ڪئي پر مڪمل طور تي پرامن رهيا جڏهن ته حڪومت جي ماڻهن ڪجهه هنڌن تي ماحول خراب ڪرڻ جي ضرور ڪوشش ڪئي آهي هن چيوته اسان ڪراچي وانگر لاهور ۾ احتجاج کي پرامن رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو هو ۽ ان تي قائم رهياسين ڇو ته ايئن ٿيڻ ئي سڀني جي مفاد ۾ هو هن چيو ته لاهور وارن جهڙي طرح تعاون ڪيو آهي اهو اسان جي توقع کان وڌيڪ آهي تاجرن رضاڪاراڻي طور تي پنهنجو ڪاروبار بند ڪيو ۽ ثابت ڪيو ته لاهور وارا عمران خان جي سوچ ۽ تبديلي سان گڏ آهن. هن چيو ته هڙتال جي ڪاميابي جو چٽو ثبوت آهي ته پي ٽي آءِ 18 هنڌن تي احتجاج جو اعلان ڪيو هو پر عوام رضاڪاراڻي طور تي ٻاهر نڪري مختلف شاهرائن کي بند ڪيو هن چيو ته سردار اياز صادق پاران ٻيهر عدالت سان رجوع ڪرڻ سان عوام خان جي ان موقف جي تصديق ٿي ويئي آهي ته هو اسٽي آرڊر جي پويان لڪي رهيا آهن جيڪڏهن ان جي تڪ ۾ شفاف چونڊون ٿيون آهن ته پوءِ کيس گهٻرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي سومر جي ڏينهن 122 ۾ ووٽن جي تصديق جي شروعات ٿيڻي هئي پر ڇو سردار اياز صادق کي اسٽي آرڊر جي ضرورت پيش آئي ان مان لڳي ٿو ته دال ۾ ضرور ڪجهه ڪارو آهي ان ٻڌايو ته حڪومت کي پنهنجن مطالبن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو ته کيس تسليم ڪيو وڃي. جيڪو پي او آرز بحث هيٺ آهن اهي اڳتي وڌايا وڃن اسان جو هي مثبت رويو آهي پر اڄ اڱاري تي حڪومت سان ٿيندڙ نشست ۾ ڏسنداسين ته حڪومت جو رويو ڇا آهي جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن جي رستي ۾ رنڊڪ ۽ هيلن بهانن سان راهه فرار اختيار ڪئي ويئي ته پوءِ ضرور پلان ڊي تي عمل ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *