لاهور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، اداڪار قسمت بيگ سخت زخمي

لاهور (شوبز نيوز) لاهور ۾ اڻڄاتل  هٿياربندن پاران اسٽيج جي اداڪارا قسمت بيگ ۽ سندس گارڊ تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، اداڪارا ۽ سندس گارڊ کي فوري طور تي اسپتال نيو ويو. اداڪارا قسمت بيگ پنهنجي گارڊ سان گڏ پنهنجي گاڏي ۾ بربنس پورا ۾ گهر ڏانهن وڃي رهي هئي. جيئن ئي گهر وٽ پهتي ته اڻڄاتل هٿياربندن سندس گاڏي تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن ۾ اداڪارا ۽ سندس گارڊ سخت زخمي ٿي پيا. اسپتال ۾ ڊاڪٽر اداڪارا قسمت بيگ جي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته انهي کان اڳ 2 ڀيرا اداڪارا قسمت بيگ تي حملا ٿي چڪا آهن. قسمت بيگ جي ماءُ جو چوڻ آهي ته قسمت بيگ کي ٽارگيٽ ڪري 3 گوليون هنيو ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *